کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > فلسطيني شاعر محمود درويش لاڏاڻو ڪري ويو

فلسطيني شاعر محمود درويش لاڏاڻو ڪري ويو

خالد حسين ٿٿال
August 11th, 2008

67 ورهين جو محمود درويش صاحب آمريڪا هوستن جي هڪ اسپتال ۾ 9 آگسٽ ڇنڇر تي دل جي آپريشن دوران لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تحريرن ۽ شاعري جو ويهه ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ کيس عالمي ايوارڊ سان نوازيو ويو. کيس فلسطين جو قومي شاعر مڃيو وڃي ٿو.

 

هن سندس ورتاء، شاعري ۽ ادب جي ذريعي فلسطيني ماڻهن کي آزادي لاءِ جاکوڙيندي فلسطين جي منفرد سڃاڻ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس 67 جي جنگ ۾ سندس نغمن جي ذريعي ڏاڍي شهرت حاصل ڪئي.

 

سندس بُنيادي شاعري ۾ نابر رنگ ڏاڍو نُمايان هيو. ايتري مشهرو شاعر محمود درويش صاحب کي ضمير جو شاعر پڻ سڏيو وڃِ ٿو. هن ٻي نئين نسل جي شاعرن وانگر محبوبه فلسطين جي علامت کي نمايان ڪيو ۽ سندس ورتاء کي ماءُ ۽ ڌرتي سان جوڙيو ۽ اُهي ٽيئي متحد ٿي ويا. محمود درويش جي شاعري ۾ هنن ٽنهيءَ جي سانجهه جو اهو روپ واضع آهي.

 

محمود درويش جي شاعري جو هڪ ٻيو نمايان پاسو سندس محبوبه سان بي انتها محبت ۽ محبت ۾ اهڙي ويجهڙائپ آهي هن جي تصوير ڪڏهن به نظر انداز ڪونه ٿيندي ۽ اهو سندس خواهشن ۾ زنده آهي ۽ هو جتي به وڃي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه به ڏسي ٿو هن ۾ کيس سندس روپ ئي نظر اچي ٿو.

 

فلسطين م ۽ سموري دنيا ۾ سندس سڃاڻڻ وارن لاءِ سندس وڇوڙو افسوس جهڙي ڳالهه آهي. پر محمود درويش صاحب سندس شاعري ۽ سندس رويي ڪارڻ سدائين ياد رکيو ويندو.

 

وارث شاهه اُهي سدائين زنده رهن ٿا جن ڪيا نيڪ ڪم

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com