کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > فن موسيقي جي ديوتا نصرت فتح علي خان جي وڇوڙي کي 11 سال گُذري ويا

فن موسيقي جي ديوتا نصرت فتح علي خان جي وڇوڙي کي 11 سال گُذري ويا

ويچار ڊيسڪ
August 17th, 2008

نصرت فتح علي خان فن قوالي ۾ اهڙا رنگ ڀريا جن جي خوشبو نه رڳو اوڀر ۾ بلڪ اولهه ۾ به ڦهلجي وئي. نصرت فتح علي خان جو تعلق پراڻي قوال گهراڻي سان هيو. جيڪو 600 سالن کان فن قوالي ۾ جُدا سڃاڻ جو مالڪ آهي. 13 آڪٽوبر 1948ع تي فيصل آباد ۾ پيدا ٿيل هن ڪلاسيڪ گلوڪار کي فن موسيقي جو ديوتا چيو ويو، نصرت فتح علي خان جي فني تربيت اُستاد مبارڪ علي خان ڪئي. نصرت فتح علي خان کي پهرين عوامي شهرت 1971 ۾ قوالي ”حق علي علي“ کان ملي.

 

پوءِ قواليون هجن يا صوفياڻو ڪلام اُستاد نصرت فتح علي خان هن فن جو لازمي جُزو بڻجي ويو. 1995ع ۾ نصرت فتح علي خان جو نالو اچانل سموري دنيا جي مشهور ٿيو جڏهن ڪئناڊا جي هڪ گٽارسٽ مائيڪل بروڪ اولهه جي ساز ۽ سندن ڪيترا ئي فيوزن مارڪيٽ ۾ آندا. پيٽر گبرئيل سان سندس البم ”مست مست“ جي آواز سموري دنيا ۾ ٻُڌي وئي.

 

نصرت فتح علي خان جي قوال جي طور تي هڪ سئو پنجويهه ايلبم ريليز ٿيا. سندس نالو گينيز بُڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ٿيل آهي. ميڊونا جهڙي گلوڪار هن سان گڏ گائڻ جي خواهشمند هئي. نصرت فتح علي خان قوالي جي دنيا ۾ هڪ اهڙو ڏينهن ڏيکاريو آهي جنهن جي شام ڪونه ٿي سگهندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com