کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > فن ۽ فنڪار > مذهبي تعصب باري ڳالهائڻ تي شبانه اعظمي جي تنقيد

مذهبي تعصب باري ڳالهائڻ تي شبانه اعظمي جي تنقيد

ويچار ڊيسڪ
August 20th, 2008

هندستان جي مشهور اداڪاره، سماجي ڪارڪن، سياستدان ۽ مشهور شاعر جاويد اختر جي ذال شبانه اعظمي طرفان هندستان جي سيڪولر نظام جو پرده فاش ڪرڻ تي هندستان جي هند نواز پارٽين ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

 

هڪ هندستاني ٽيلي ويزن کي انٽرويو ڏيندي شبانه اعظمي ٻڌايو ته اسين ذال مڙس کي مسلمان هجڻ سبب گهر ڪونه ملي رهيو آهي. شبانه اعظمي هن انٽرويو ۾ چيو هو ته هندستاني معاشري ۾ مسلمانن سان ذيادتي ٿيندي آهي ۽ عام طور تي هنن سان تعصب رکيو وڃي ٿو.

 

هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آئون گهڻي مذهبي عورت ڪونه آهيان، مسلمان هجڻ سبب مونکي اُردو پسند آهي ۽ آئون عيد ملهائيندي آهيان، 1992ع ۾ بابري مسجد جي شهادت تي آئون ناراضگي جو اظهار ڪيو هو. سندس چوڻ آهي ته اها ڳالهه بالڪل حقيقت آهي ته هندستان ۾ مسلمانن کي مذهبي اختلافن کانپوءِ به انصاف ڪونه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته آئون سمجهندي هوس ته مسلمان هندستان ۾ محفوظ آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي ڀارت جي جمهوريت جو حصو آهن ملڪ ۾ اهم عهدن تي فائذ هئا ۽ اڃان به فائذ آهن. شبانه اعظمي جي بيان تي ڀارتيه جنتا پارٽي ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس بي انصافي ۽ فضول چيو آهي.

 

بينگلور ۾ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بي جي پي جي هڪ سينيئر اڳواڻ وينڪياه نائيڊو، شبانه اعظمي جي بيان کي قوم ۽ هندن جي وڏي انگ جي خلاف چيو آهي. سندس چوڻ هو ته مسلمان هتي ائين محفوظ آهن جيئن ڪنهن ٻي ملڪ ۾ آهن. پر مسٽر نائيڊو بابري مسيت جي شهادت ۽ هن کانپوءِ ٿيندڙ جهيڙن ۽ گجرات جي مسلمان رتوڇاڻ جهيڙا وساري ڇڏيا آهن جن ۾ هزارين مسلمان قتل ڪيا ويا هئا.

 

اڄ به مقبوضه ڪشمير جا مسلمان سندن حقن لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. مسٽر نائيڊو ۽ سندس پارٽي وٽ لال ڪشن ايڊواني ۽ سندس دوستن گجرات جي وڏي وزير نريندر مودي جي بيان جو ڪو جواب ناهي جن ۾ مسلمانن کي سرعام ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ کين پاڪستاني ايجنٽ چيو وڃي ٿو. گجرات قتلام جي غير ملڪي جي گواهن هنن جهيڙن باري چيو هو ته اُهي جهيڙا منظم طريقي سان مسلمانن کي رياست کان ڪڍڻ لاءِ ڪرايا ويا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com