شيام بينيگل هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو هندستاني سينما سان بين الاقوامي سطح تي به ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. ستر جي ڏهاڪي ۾ انڪور، نشانت ۽ منٿن جهڙي اصلي زندگي جي حقيقت سان لاڳاپيل بولڊ فلمون ٺاهي فلم ميڪر شيام بينيگل هندي فلمن جي دنيا ۾ انقلاب آندو. سنجيده فلمون ٺآهڻ لاءِ مشهور بينيگل جلدي سندس پهرين ڪاميڊي فلم ”ويلڪم ٽو سجن پور“ سان گڏ توهانجي سامهون اچي رهيو آهي.
ائين پهريون دفعو ٿي رهيو آهي جڏهن بينيگل ڪاميڊي جو سهارو وٺي ڪري سينيما تائين پنهنجي ڳالهه پهچائڻ جو جتن ڪندو. ”ويلڪم ٽو سجن پور“ ۾ شري ياس تل پڙي، امرتا راؤ ۽ روي ڪشم اهم رول ادا ڪري رهيا آهن. ممبئي ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شيام بينيگل چيو ته سندس دل ۾ ڪيتري عرصي کان ڪاميڊي فلم ٺاهڻ جي خواهش هئي. سندس هن خواهش کي اسڪرپٽ جي صورت رائٽر اشوڪ مشرا ڏني آهي. ۽ ائين شيان بينيگل سندس پهرين ڪاميڊي فلم جي هدايت ڪاري جي ذميواري پاڻ ادا ڪندو.
ويلڪم ٽو سجن پور 19 سيپٽمبر تي سموري هندستان ۾ ريليز ٿي رهي آهي. شيام موجب سندس سنهي ڦُڪي ڪاميڊي ذريعي معاشري جي سامهون سنجيده ڳالهيون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن سموري ڳوٺ ۾ صرف مهاديو معني ڪلاڪار شي ياس تل پڙي پڙهيل لکيل ماڻهون آهي. هو ڳوٺ جي اڻپڙهيل ماڻهن لاءِ خط لکڻ جو ڪم ڪندو آهي. هن فلم جي ذريعي شيام اڪويهه صدي ۾ هندستان ۾ واقع ڳوٺن جي زندگي کي فلم ڏسندڙن جي سامهون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
نه وسارڻ گهرجي ته بينيگل سجن پور ڳوٺ جو سمورو سيٽ اپ حيدر آباد جي رامو جي فلم سيٽ تي ٺهرايو هو. مزيدار ڳالهه هي آهي ته هن فلم جو اصلي نالو ”مهاديو ڪا سجن پور“ هيو. شوٽنگ دوران سمورا فنڪار روزانو صبح هڪ ٻي سان ملندي مهل ويلڪم ٽو سجن پور چوندا هئا. جنهن کانپوءِ شري ياس، بينيگل کي فلم جو نالو تبديل ڪري ويلڪم ٽو سجن پور رکڻ جو مشورو ڏنو جنهن کانپوءِ بينيگل سندس پهرين فلم جو نالو تبديل ڪري ”ويلڪم ٽو سجن پور“ رکيو.