جذبن جو شهنشاھ دليپ ڪمار ڏهه سالن تائين فلمي پردي کان پري رهڻ کانپوءِ ٻيهر فلمن ۾ واپس اچي رهيو آهي. بالي وڊ جي مشهور ڊائيريڪٽر سڀاش گهائي بيان جاري ڪندي هندستاني فلم انڊسٽري کي خوشخبري ٻڌائي آهي ته هو جلدي اڳوڻي ٽريجڊي ڪنگ دليپ ڪمار سان فلم ٺاهيندو.
ياد رهي ته دليپ ڪمار آخري دفعي 1998ع ۾ ريليز ٿيل فلم ”قلعي“ ۾ نظر آيو هو. هاڻي ڏهه سالن جي وقفي کانپوءِ سڀاش گهائي 86 سالن جي دليپ ڪمار کي سندس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو آهي. دليپ ڪمار هن کان پهريان سڀاش گهائي جي ٽن فلمن وڌاتا، ڪرما ۽ سوداگر ۾ ڪم ڪري چُڪو آهي. سڀاش گهائي موجب ٻه سال پهريان کان دليپ ڪمار جهڙي عظيم فنڪار کي سندس نئين فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو.
سڀاش گهائي کي اُميد آهي ته هلندڙ سال ڊسمبر تائين فلم جي اسڪرپٽ تيار ٿي ويندي جڏهن ته فلم جي شوٽنگ ايندڙ سال شروع ٿيندي. فلم جي نالي جو اڃان تائين فيصلو ڪونه ٿي سگهيو آهي.
هندي فلم انڊسٽري کي جگنو، انداز، ديدار، ديوداس، مغل اعظم، مڌومتي، نيا دور، ڪنگا جمنا، رام ۽ شيام ۽ شڪتي جهڙيون ڪيترين ئي فلمن سان نوازيندڙ دليپ ڪمار جي ايڪٽنگ جي تعريف ڪندڙ بيقراري سان دليپ ڪمار کي ٻيهر فلمن ۾ ڏسڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. سڀاش گهائي جي نئين فلم هڪ مختصر ڪهاڻي تي مبني هوندي ۽ هن ۾ دليپ ڪمار اهم ڪردار ادا ڪندو.