ڪئناڊا جي شهر ٽورانٽو ۾ 33 انٽرنيشنل فلم فيسٽول جاري آهي. هن فيسٽيول ۾ هلندڙ سال بالي وڊ جون 9 فلمون ڏسڻ لاءِ پيش ڪيو ويون آهن جڏهن ته سموري دنيا جي 64 ملڪن کان ڪُل ٽي سئو ٻارهن فلمون شامل آهن.
هن فلم فيسٽيول ۾ هالي وڊ ۽ بالي وڊ جي مشهور اداڪارن کان علاوه دنيا مان پنج سئو کان وڌيڪ فلم اسٽار شرڪت ڪري رهيا آهن. اڪشي ڪمار هن فلم فيسٽيول ۾ هڪ خاص جلسي ۾ شرڪت ڪئي آهي. هن کان علاوه بريڊ پٽ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي.
بالي وڊ کان اڪشي ڪمار، ننديتا داس، نفيس بزمي جا نالا هر زبان تي موجود آهن. هن کان علاوه فلم ميڪر ديپا مهتا به فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. بالي وڊ اسٽارز سان گڏ مشهور هستيون به سموري دنيا جا مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار هن فلم فيسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽورانٽو پهچي رهيا آهن ۽ شهر جو وچون علائقو سموري دنيا جي فلم اسٽارز سان روشن آهي.
هلندڙ سال پهرين دفعي دنيا جي سڀ کان طويل شاهراه يانگ اسٽريٽ تي واقع شهر جي وسطي تفريحي ۽ سياحتي مرڪز ڊنداس اسڪوائر ۽ وڏي وڏي اسڪرينن تي مفت ۾ فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. ايستائين جو روزانو رستي کان گذرندڙ مسافر به جن فيسٽيول مان مزو ماڻي رهيا آهن جڏهن ته آخري جلسا به هتي ئي ٿيندا.
هلندڙ سال فلم فيسٽيول ۾ پنجابي فلمن جي نمائش لاءِ وڏو انگ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي جنهن جو ڪارڻ ڪئناڊا ۾ رهواسي هندستاني ۽ پاڪستاني نزاد پنجابي ڪميونٽي آهي. مشهور بالي وڊ هدايتڪار ۽ ليکڪ انيس بزمي جي مزاحيه فلم سنگهه از ڪنگ جو خصوصي شو به منعقد ڪيو ويو آهي.
سال 2002ع ۾ گجراب ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ باري هڪ سئو هڪ منٽ جي فيچر فلم فراق ڪي ڪهاني اداڪاره ننديتا داس ۽ شوچي ڪوٺاري لکي آهي. هن فلم ۾ مسلمانن جي رتوڇاڻ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن فلم کي ٽن سينمائن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
امرتسر ۾ ڄاول ڪنئاڊين اسٽوري رائٽر ۽ هدايت ڪار ديپا مهتا جي پنجابي انگريزي فلم ”هيون آن ارٿ“ يعني زمين تي جنت ۾ ڪنئاڊا جي رهواسي هندستانين جي معاشرتي مسئلن کي واضع ڪيو ويو آهي. هن فلم ۾ پريٽي زنٽا ”چاند“ نالي جي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪا هندستان کان ڪئناڊا سندس مڙس وٽ ايندي آهي. ڪئناڊا جتي ڏکڻ ايشيائي نزاد گهرن ۾ رتوڇاڻ جو رجحان آهي هن فلم ٻيهر هن موضوع کان پردو هٽايو آهي.
عرفان خان آمريڪي فلم ”نيويارڪ آءِ لو يو“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پر هدايتڪار پريا درشن جي فلم ”ڪانچي ورام“ تامل ناڊو رياست جي قصبي ڪانچي ورام ۾ رهندڙ هڪ غريب ساڙهي ٺاهڻ واري ڪاريگر جي زندگي تي مبني آهي. پرڪا راج هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.
هلندڙ سال ڪو به پاڪستاني فلم هن فلم فيسٽيول ۾ شامل ڪونه ٿي سگهي جڏهن ته فارسي ٻولي ۾ تيار ٿيل فلم ”ڪابلي بچه“ جي ميڊيا وارن تعريف ڪئي آهي. اها فلم نوجوان افغان ڪهاڻي ڪار برماڪ اڪرم لکي آهي. هي هُن ٻار جي ڪهاڻي آهي جنهن کي سندس ماءُ هڪ ٽيڪسي ۾ پوئين سيٽ تي ڇڏي ويندي آهي.
پنجابي ۽ انگريزي ٻولي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ ايشيائي ڪردارن تي مبني فلمون ڏسڻ وارا مزو ماڻي رهيا آهن. هن فلم فيسٽيول ۾ ايران، عرب ملڪ، ترڪي ۽ مصر جون فلمون پڻ شامل آهن.
ٽورانٽو شهر ۽ هن جي ارد گرد لکن جي انگ ۾ هندستاني ۽ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙن کان علاوه ٻين قومن جا ماڻهون به بالي وڊ جون فلمون شوق سان ڏسندا آهن. هن فيسٽيول ۾ فلمن جي نمائش سان گڏ تجارت باري به سوچيو ويو آهي ۽ هن فيسٽيول ۾ الاهي آمريڪي ۽ ڪئناڊين فلم پروڊڪشن ڪمپنيون بالي وڊ فلمن جو مزو ماڻي رهيون آهن.