کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > سهيل تنوير ۽ ڪامران اڪمل ممبئي کان واپس ڪراچي پهچي ويا

سهيل تنوير ۽ ڪامران اڪمل ممبئي کان واپس ڪراچي پهچي ويا

وچار ڈیسک
November 30th, 2008
ممبئي ۾ دهشتگرديءَ جي ڪري چيمپئنز ليگ ملتوي ٿيڻ بعد پاڪستاني فاسٽ بالر سهيل تنوير ۽ وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل واپس ممبئي کان ڪراچي پهچي ويا آهن، ٻئي رانديگر چيمپئنز ليگ ۾ شموليت لاءِ ڀارتي دوري تي ويل هئا ۽ دهشتگردي جي ور چڙهيل هوٽلن کان ٿورو ئي پري رهيل هئا ۽ ٻنهي رانديگرن جا گهر وارا پاڪستان ۾ ان سلسلي ۾ ڏاڍو پريشان هئا، ڪالهه ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل تنوير ۽ ڪامران اڪمل چيو ته ڪلچر ۽ تهذيبن سميت رانديون به دهشتگردي ۾ اثرانداز ٿين ٿيون پر ٻئي ملڪ جيڪڏهن هڪ ٻئي جي مدد ڪن ته ڪيترن ئي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو، هنن چيو ته دهشتگردي جا واقعا سڄي دنيا ۾ ٿي رهيا آهن پر ڀارتي ڪرڪيٽر سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي پاڪستان اچڻ کان انڪار نه ڪن نه ته پاڪستاني ٽيم به مستقبل ۾ سيڪيورٽي کي بهانو بڻائي ڀارتي دوري کان انڪار ڪندي. ياد رهي ته ڪلهه ٻن پاڪستاني ڪاميڊين ڪاشف ۽ شڪيل صديقي کي عوام جي سخت ردعمل کان پوءِ اسٽيج تي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com