کلاسک

WebSite    

وچار > ٽي ٽئنٽي فائنل : پاڪستان سري لنڪا کي هارائي ورلڊ چيمپيئن ٿي ويو

ٽي ٽئنٽي فائنل : پاڪستان سري لنڪا کي هارائي ورلڊ چيمپيئن ٿي ويو

وچار ڊيسڪ
June 21st, 2009

پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ کيڏي وڃڻ واري ٽي ٽئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم سري لنڪا کي هارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ پاڪستان جي ٽيم ورلڊ چيمپئين ٿي وئي آهي.

سري لنڪا جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جئه سوريا ۽ تلڪ رتني دلشان بيٽنگ شروع ڪئي. دلشان پهرين ئي آور ۾ محمد عامر جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو ۽ پهرين اوور ۾ ئي ڪو اسڪور ڪونه ٿيو، ٻئي آور ۾ ئي جهان مبارڪ عبدالرزاق جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو.

چوٿئن اوور ۾ ئي عبدالرزاق جئه سوريا کي به بولڊ آئوٽ ڪيو ۽ انهي کان پوءِ مهيلا جئه ورڌني به رزاق جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. سري لنڪا جي ٽيم 12 اوور تائين 67 اسڪور ڪيو ۽ هن جا 6 رانديگر آئوٽ ٿيا.

سري لنڪا جي ٽيم کي ڏکيائي ۾ ڪمارا سنگاڪارا سهارو ڏنو. سري لنڪا جي ٽيم پنهنجي پهرين ايننگ ۾ 138 رنسون اسڪور ڪيون ۽ هن جا 6 رانديگر ئي آئوٽ ٿيا. آخري اوور ۾ لنڪا 17 رنسون ٺاهيون. سري لنڪا جي ٽيم کي سنگاڪارا ۽ ميٿيوز سهارو ڏنو، سنگاڪارا جو اسڪور 64 ۽ ميٿيوز جو اسڪور 35 رهيو ۽ ٻئي رانديگر آئوٽ ڪونه ٿيا.

پاڪستان پنهنجي اننگ جي شروعات تمام آهستي ڪئي پر ڪامران اڪمل تمام سٺا شاٽ کيڏيا هو 37 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو پاڪستان 139 رنسون 18.2 اوورن ۾ ڪيون ۽ هن جا ڪل ٻه رانديگر آئوٽ ٿيا. شاهد آفريدي ۽ شعيب ملڪ تمام سٺي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻنهي تمام سٺي راند ڪندي پاڪستان جي ٽيم کي فتح ڏانهن پهچايو. پاڪستان هي ميچ 8 وڪيٽن تان کٽي ويو آهي. شاهد آفريدي 54 ۽ شعيب ملڪ 24  رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. سڄي گرائونڊ ۾ بوم بوم آفريدي جا هوڪا هئا.

شاهد آفريدي مين آف دي ميچ ۽ تلڪ رتني دلشان مين آف دي سيريز رهيا.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats