{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > پاڪستان کي ٻي ميچ ۾ به شڪست،سريلنڪا جي سيريز ۾ 0-2 کان برتري حاصل ڪري ورتي

پاڪستان کي ٻي ميچ ۾ به شڪست،سريلنڪا جي سيريز ۾ 0-2 کان برتري حاصل ڪري ورتي

ويچار ڊيسڪ
August 2nd, 2009

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ آساني سان 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن تي مشتمل ون ڊي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، هن ميچ ۾ به پاڪستاني ٽيم جي بيٽنگ هميشه وانگر ناڪام رهي، شاندار ففٽي ٺاهڻ ۽ سمارا ويرا سان شاندار 95 رنسن جي وننگ پارٽنر شپ ڪرڻ تي چمارا ڪپوگيدرا کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، هاڻي پاڪستاني ٽيم کي سيريز کٽڻ لاءِ رهيل ٽئي ميچون کٽڻيون پونديون، جيڪو تمام گهڻو مشڪل آهي، دمبولا جي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ ڪمار سنگاڪارا ٽاس کٽي مهمان پاڪستان جي ٽيم کي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني، پاڪستاني ٽيم پهرين کيڏندي 47 اوورن ۾ 168 رنسن تي ڍير ٿي وئي، نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر 24 رنسون ٺاهي پاڪستان طرفان ٽاپ اسڪورر رهيو، اوپنر ناصر جمشيد ڪلاسيڪارا جي پهرين بال تي آئوٽ ٿي ويو، ڪامران اڪمل 13 ۽ يونس خان 23 رنسون ٺاهي سگهيو، اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ به ناصر جمشيد وانگر بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي ويو، پهرين ون ڊي ميچ کيڏندڙ عمر اڪمل 18، فواد عالم 10، شاهد آفريدي 7، عبدالرزاق 17 ۽ عمر گل 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، پاڪستان جون 128 رنسن تي 9 وڪيٽون ضايع ٿي ويون هيون ۽ 150 اسڪور به مشڪل نظر اچي رهيو هو پر 17 سالن جي محمد عامر ۽ سعيد اجمل 40 رنسن جي پارٽنرشپ هڻي پاڪستان کي 168 رنسن تائين پهچايو، سعيد اجمل 16 رنسن تي آئوٽ ٿيو، محمد عامر 24 رنسن تي ناٽ آئوٽ هو، سريلنڪن بالنگ ۾ ٿلان توشارا 3، مرلي ڌرن 2، ڪلاسيڪارا، اينجلو ميٿيوز ۽ جئه سوريا هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، سريلنڪن ٽيم گهربل 169 رنسن جو ٽارگيٽ 43.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، اوپنر اپل ٿرانگا 10، سناٿ جئه سوريا 30، ڪمار سنگاڪارا 2 ۽ جئه ورڌني 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته چمارا ڪپوگيدرا ۽ سمارا ويرا 95 رنسن جي ناقابل شڪست پارٽنرشپ ٺاهي، ڪپوگيدرا 67 ۽ سمارا ويرا 38 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا، پاڪستاني بالنگ ۾ محمد عامر، عبدالرزاق ۽ شاهد آفريدي هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: