کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > جهانگير خان لاءِ اعزازي ڊاڪٽريٽ

جهانگير خان لاءِ اعزازي ڊاڪٽريٽ

وچار ڊيسڪ
December 26th, 2007

لنڊن جي ميٽروپولٽن يونيورسٽي گزريل عالمي چئمپين جهانگير خان جي اسڪواش جي دنيا ۾ خدمات جي ساراهه ڪندي کيس ڊاڪٽر آف فلاسفي (پي ايڇ ڊي) جي ڊگريءَ سان نوازيو آهي.

 

لنڊن ۾ هڪ جلسي ۾ جهانگير خان کي هن اعزازي ڊگريءَ سان نوازيو ويو. جهانگير خان هن ڊگريءَ کي پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز چيو. هن موقعي تي سندس چوڻ هو ته برطانيه هن لاءِ هميشه ٻيو گهر رهيو آهي، جٿي هن برٽش اوپن سميت گهڻا ئي ٽورنامنٽ کٽيا آهن ۽ کين هن ملڪ کان تمام گهڻي محبت حاصل ٿئي آهي.

 

يونيورسٽي هلندڙ سال آگست جي مهيني ۾ جهانگير خان کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگريءَ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. لنڊن ميٽروپوليٽن يونيورسٽي جي انتظاميه جهانگير خان جي اسڪواش ۾ خدمات کي تسليم ڪندي اُميد ظهار ڪئي ته مستقبل ۾ به هو کيڏ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجا جتن جاري رکندا ۽ سندس تجربات کان فائدو حاصل ڪيو ويندو.

 

44 سالن جو جهانگير خان هن وقت ورلڊ اسڪواش فيڊريشن جو صدر آهي ۽ اسڪواش کي اولمپڪ تحريڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. پر کيس هن ڳالهه جو تمام گهڻو افسوس آهي ته سندس پنهنجو ملڪ هن کيڏ ۾ تمام پوئتي رهجي ويو آهي، جنهن ۾ هن طويل عرصي تائين حڪمراني ڪئي آهي.

 

جهانگير خان 10 ڀيرا برٽش اوپن جو اعزاز حاصل ڪيو آهي، جيڪو هڪ عالمي رڪارڊ آهي. هن کان علاوه هن 6 ڀيرا ورلڊ اوپن جو اعزاز به حاصل ڪيو آهي. پنجن سالن تائين کيس ڪو به رانديگر اسڪواش ڪورٽ ۾ هارائي ڪونه سگهيو آهي.

 

جهانگير خان کي پاڪستان جا وڏا سول اعزاز به ملي چُڪا آهن، هن کان علاوه پاڪستان جي محڪمه ڊاڪ سندس راند کيڏندڙ تصوير وارو ٽڪيٽ پڻ جاري ڪيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com