{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > هاڪي جا رانديگر يا مزدور؟

هاڪي جا رانديگر يا مزدور؟

سشيل دُسانجهه
January 13th, 2010

انهيءَ کان وڌيڪ ندامت ڇا ٿي سگهي ٿي ته هندستاني هاڪي ٽيم جا رانديگر ورلڊ ڪپ لاءِ روزانو پريڪٽس ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. ممڪن آهي ته جيستائين توهان هي سٽون پڙهي رهيا هجو اوستائين ڀارٽي ٽيم جا رانديگر ٻيهر ميدان ۾ پريڪٽس ڪري رهيا هجن پر هڪ دفعي ته هنن انڊين هاڪي ٽيم جي انتظاميا کي ڪٽهري ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. ڇا ٿيو؟ شايد ڪيترن ئي پڙهڻ وارن کي خبر نه هجي، پر هنن کي ٻڌائڻ لازمي آهي.

 

ڀارتي هاڪي ٽيم جي رانديگرن بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي بغاوت بلڪل جائز آهي. رانديگر پنهنجا حق گهري رهيا آهن. رانديگرن جو چوڻ آهي ته ارجنٽينا چيلنج ڪپ کانپوءِ هنن کي اڃان تائين پگهار ڪونه ڏني وئي آهي. هنن جو چوڻ آهي ته جيستائين هنن کي محنت جو معاوضو نه ملندو اوستائين هو ڪنهن به ٽورنامنٽ لاءِ ٽريننگ ڪيمپ ۾ حصو ڪونه وٺندا. توهانجو ڇا خيال آهي؟ رانديگرن جو مطالبو جائز آهي؟ هن کي بغاوت چوڻ صحيح يا غلط؟ ماڻهون ڪجهه به چوڻ پر اسان ته رانديگرن جو ساٿ ڏيندا سين.

 

دراصل، معاملو رانديگرن جي پگهار جو نه بلڪ راند جي نظام جو آهي. هي ڪهڙو تماشو آهي جو ڪرڪيٽ يا ٽينس جي رانديگرن لاءِ ته حڪمرانن سميت ملڪ جو عوام منتظر هوندو آهي پر قومي راند يا ٻين راندن جي عالمي سطح جي رانديگرن کي پگهار ڏيڻ لاءِ رولايو ويندو آهي. ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ هاڪي جي رانديگرن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ ۽ ٽينس جي عام ٽورنامنٽ لاءِ ميڊيا سميت اسٽيبلشمنٽ انتظام ڪندي آهي پر قومي راند هاڪي جي رانديگرن کي پگهار ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. ائين ڇو ٿيندو آهي؟ هن جو ذميوار ڪير آهي؟ دراصل ڀارت ۾ راندن جي پليٽ فارم تي رانديگرن لاءِ ڪا سُٺي پاليسي موجود ناهي. راند جي ادارن، فيڊريشنز يا تنظيمن جي عهدن تي قابض ماڻهن جو رويو آمراڻو آهي. اڄ ڀارتي هاڪي فيڊريشن جو اڳوڻو باني ”ڪي پي ايس گِل“ چوي ٿو ته رانديگرن تي الزام مڙهڻ بدران هاڪي انڊيا جي انتظاميا کي هنن سان مذاڪرات ڪري معاملو حل ڪرڻ گهرجي پر 15 کان 16 سالن تائين سردار ڪي پي ايس گِل به ساڳيو ڪم ڪندو رهيو آهي جيڪو هاڻوڪي هاڪي انڊيا جي انتظاميا ڪري رهي آهي.  هي اقتدار جو معاملو آهي. هتي هر ماڻهون پنهنجي حيثيت جي مطابق طاقت استعمال ڪندو آهي. هي سڀ ڪجهه انڪري ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته هنن کي ڪنهن جو ڀئو ناهي. جنهن حڪومت جو ڀئو هجڻ گهرجي هن حڪومت جا وزير هنن جي پٺڀرائي ڪندا آهن. ان ڪري هر ميدان ۾ بيحد ڪرپشن آهي ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي.

 

هن وقت انڊين هاڪي جي انتظاميا پنهنجي سگهه برقرار رکڻ لاءِ سازشون ڪرڻ ۾ سرگرم آهي، رانديگرن ۽ سندن ضرورتن سان هنن جو ڪو واسطو ناهي. هلندڙ مهيني جي 29 تاريخ تي انڊين هاڪي جا اليڪشن ٿيندا. قومي راند هاڪي به سياست جو شڪار ٿي چُڪي آهي. انڊين هاڪي ٽيم جا آفيسر انڪري پريشان ٿي رهيا آهن ته پنجاب، ڪيرالا يا ٻين صوبن کي هاڪي انڊيا کان ٻاهر ڪيئن ڪڍيو وڃي. ڪجهه ڏينهن کان پنجاب هاڪي جو صدر سردار سکبير سنگهه بادل ۽ پنجاب اسپورٽس کاتي جو ڊائريڪٽر پرگٽ سنگهه بار بار چئي رهيو آهي ته هاڪي انڊيا جا آفيسر پنجاب ۽ ڪجهه ٻين صوبن کي اليڪشن مان ٻاهر ڪڍڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. هو بلڪل سچ ڳالهائي رهيو آهي. انڊين هاڪي جا آفيسر پنهنجو عهدو بچائڻ لاءِ سازشون ۽ ڪوششون ڪري رهيا آهن. انڊين هاڪي جا آفيسر انڊين هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي مزدورن کانسواءِ ڪجهه نه ٿا سمجهن.

 

بيشڪ رانديگرن جو ٽريننگ ڪيمپ کان واڪ آئوٽ ڪرڻ ندامت جي ڳالهه آهي پر هن کانسواءِ رانديگرن وٽ ٻيو آپشن ناهي. هو ڪيڏانهن وڃن؟ ڪو به هنن جي فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اسانجو عالمي هاڪي جو مشهور رانديگر ڌنراج پلي رانديگرن جي حقن لاءِ گذريل پنڌرهن سالن کان جاکوڙي رهيو آهي پر اڄ تائين ڪنهن به سندس ڳالهه ٻُڌي؟ بلڪ هن کي بار بار ذليل ڪيو ويو، ايتري ذلت سهڻ کانپوءِ جيڪڏهن هو ٽيليويزن اسڪرين تي هنجون نه هاري ته ٻيو ڇا ڪري؟ نيٺ هو ۽ هن جهڙا ڪيترا ئي رانديگر بيوس آهن.

 

جيڪڏهن اڃان به هاڪي انڊيا جا آفيسر غلطيون ڪندا رهندا ته پوءِ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. حڪومت کي جلدي هن معاملي ۾ رانديگرن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته جڏهن ڀارت عالمي راند جي پليٽ فارم تي بار بار ندامت جو شڪار ٿي رهيو آهي تڏهن ملڪ جي عزت کي پائمال ڪندڙ ماڻهن کي سبق سيکارڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هونئن به اڪيلو آفيسر يا رانديگر ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. گيم اڪيڊمين يا گيم فيڊريشنز کي سياستدانن جي قبضي کان آزاد ڪرائڻ جي ضرورت آهي. ائين تڏهن ٿي سگهندو جڏهن ڀارت حڪومت رانديگرن کي صاف ماحول مهيا ڪندي. ڀارتي گيمز انتظاميا جي ڪرپٽ نظام سميت ادارن مان به ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت ڪرپشن جو خاتمو نه آڻي سگهندي ته پوءِ ڪرپشن ڀارت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ملڪي شان وڌائيندڙ رانديگرن لاءِ حڪومت کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، رانديگرن کي به پنهنجي ذميواري ۽ فرض باري سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته رانديگرن جي جدوجهد سان سڀ ڪجهه صحيح ٿيندو.