پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گهٽ ۾ گهٽ 7 پاڪستاني رانديگرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي يونس خان ۽ محمد يوسف مٿان پابندي هنئي آهي، رانا نويد ۽ شعيب ملڪ مٿان ويهه لک ڏنڊ ۽ هڪ سال تائين پابندي ۽ اڪمل ڀائرن ڪامران ۽ عمر مٿان ٽيهه لک ڏنڊ ۽ شاهد آفريدي تي بال ٽيمپرنگ جهڙن الزامن سبب 30 لک رپيا ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون ويئون.
ڪرڪيٽ شريف ماڻهن جي راند آهي ۽ شريف ماڻهن کي نه بال ٽيمپرنگ ڪرڻ گهرجي نه وري مئچ هارائڻ گهرجي. پر ڪرڪيٽ بورڊ بال ٽيمپرنگ جو نالو ورتو پر باقي رانديگرن کي سزائون ٻڌائيندي اِهو نه ٻڌايو ته ڇا ڪنهن مئچ وڃايو هو يا پئسو ڪمايو. ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هو ان کان وڌيڪ ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهي. بس هتي ٿورو مسئلو آهي. اِهو ٿورو مسئلو هضم نه ٿيندو آهي.
جيڪڏهن اوهان 11 رانديگرن جي ٽيم مان 7 کي چونڊي سزائون ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته پوءِ باقي ڇا رهجي ويو آهي. باقي لڪائڻ سان ڇا ٿيندو، بلڪ ان جي ڪهڙي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو بي ايماني ۾ شامل آهي ته هن کي سامهون آندو وڃي. ڇا پهريان ڪڏهن ڪو ڪميشن قائم نه ٿيو آهي ڇا پهريان ڪڏهن ڪنهن رانديگر مٿان پابندي ڪونه لڳي آهي ڇا پهريان ڪڏهن ڏنڊ جي سزا ڪونه ٻڌائي وئي. سال 2000ع جي جسٽس قيوم ڪميشن ڇا هئي وسيم اڪرم، سليم ملڪ ۽ عطا الرحمان بابت فيصلا ڪيا ويا هئا. ته پوءِ هاڻي ڪهڙي ڳالهه آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ ڪجهه نٿو ڪري سگهي.
ڇا صرف ڪجهه رانديگرن کي نشانو بڻائڻ مقصد هو. محمد يوسف ۽ يونس خان جي خلاف سخت سزائن کان ظاهر طور تي اِهو تصور نظر اچي ٿو. ڇا سڄي دنيا جي سامهون بال ٽيمپرنگ ننڍو جُرم ۽ ڊريسنگ روم ۾ هڪ ٻي جي خلاف ڪجهه چوڻ وڏو جُرم آهي. شاهد آفريدي ته آءِ سي سي طرفان سزا ڀوڳي چُڪو آهي ۽ اهڙي طرح هو وڏو يا ”عادي“ مُجرم نظر ايندو آهي. پر يونس ۽ يوسف، انهن جو ڪهڙو قصور آهي. جيڪڏهن آهي ته انهيءَ جي متعلق واضح طور تي ٻڌائڻ گهرجي. ڇو ڪرڪيٽ جي ڊاڪٽر عافيه صديقي پيدا ڪئي پئي وڃي ته ماڻهون روڊ تي نڪري اچن ۽ انهن جي حق ۾ مظاهرا ڪن.
ها جيڪڏهن اِها ڳالهه آهي ته محمد يوسف جي ڪرڪيٽ ختم ٿي چُڪي آهي ۽ يونس کي ڪنٽرول ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ته پوءِ ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستاني ڪرڪيٽ کي بدنام ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها. ٻنهيءَ کي ڪرڪيٽ جي ”موت جي سزا“ ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سزا جو ڪارڻ ته ٻڌائڻ گهرجي ها. جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته ماڻهون ڪرڪيٽ کيڏڻ کان ڊيڄندا. اُميد آهي ته بورڊ اِهو نه چاهيندو. اسپورٽس ۾ ڪرڪيٽ سون جو آنو ڏيڻ واري ڪڪڙ آهي ۽ ڪو نه چاهيندو ته ان ڪڪڙ کي ماريو وڃي.
جيڪڏهن آءِ سي سي انهن رانديگرن جي خلاف ڪا ثبوت پيش ڪري سگهي ٿي ته پوءِ انهن کي سامهون ظاهر ڪرڻ ضروري آهي. ظاهر طور تي محسوس ٿيندو آهي ته شايد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ ثبوت ناهي ۽ انهن جي متعلق ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين اعجاز بٽ پهريان ”ها“ ۽ بعد ۾ ”نه“ ڪري چُڪو آهي. جڏهن به دنيا ۾ ڪنهن کي سزا ٻڌائي ويندي آهي ته هن جا جُرم واضح ڪيا ويندا آهن، توڙي سزا گهٽ هجي يا وڌيڪ، جُرم ننڍا هجڻ يا وڏا. انهن جي متعلق ٻڌائڻ ضروري آهي.
باقي اڪمل ڀائرن جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ننڍو ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي کيڏارڻ لاءِ بورڊ يا سليڪشن ڪاميٽي کي ”بليڪ ميل“ ڪندو آهي ته منهنجي خيال ۾ هو سڀ کان وڏي سزا جو مستحق آهي. جيڪڏهن انهن ٻارن کي خبر ناهي ته پوءِ انهن کي اِهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪرڪيٽ بهرحال جنٽلمينز جي راند آهي.