فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ٻي فيورٽ ٽيم ارجنٽينا پڻ ناڪ آئوٽ ٿي وئي، جرمن جي ٽيم ميراڊونا جي ٽيم کي مات ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ڪيپ ٽائون ۾ ارجنٽينا ۽ جرمني جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيو ۽ 3 منٽن کانپوءِ جرمني جي اسٽرائيڪر گول هڻي افراتفري مچائي ڇڏي.
ان کانپوءِ ته جيئن سوڪر سٽي اسٽيڊيم ميدان جنگ بڻجي ويو ٻئي ٽيمون هڪ ٻي جي گول تي حملا ڪنديون رهيون، پهريون هاف ختم ٿيڻ تائين جرمني هڪ گول کان کٽي رهي هئي. ٻي هاف ۾ به زبردست مقابلو ٿيندو رهيو، ارجنٽينا جي ٽيم کي مئچ کٽڻ جا موقعا ملندا رهيا پر هو ڪامياب ڪونه ٿي سگهي.
68 هين منٽ ۾ Miroslav klose جرمني پاران ٻيو گول اسڪور ڪري ڇڏيو جڏهن ته 6 منٽ کانپوءِ Fredrich ٽيون گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏي. جنهن کي مئچ جي آخري منٽ ۾ ڪلوزي چوٿون گول اسڪور ڪري ڇڏيو. ارجنٽينا جا رانديگر ٻي هاف ۾ مايوس نظر اچي رهيا هئا ۽ انهن ڪيترا ئي ڀيرا بال کي نيٽ ۾ اُڇلائڻ جا موقعا وڃائي ڇڏيا. مئچ ڏسڻ لاءِ جرمني جي چانسلر ايجٽيلا مرڪل سان گڏوگڏ انجرڊ ڪيپٽن مائيڪل بيلاڪ پڻ اسٽيڊيم ۾ موجود هو. جرمني ارجنٽينا کي چئن گولن سان مات ڏئي ڇڏي.