هندستاني شهر حيدرآباد جي هڪ ڇوڪري جي پيءُ جو چوڻ آهي ته مشهور پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سندس ڌيءَ سان نڪاح ڪيو هو انهيءَ ڪري کيس اسلامي طريقي سان سندس ذال کي طلاق ڏيڻ گهرجي. ايم اي صديقي جو چوڻ آهي ته پنهنجي زندگي جي نئين شروعات ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن شعيب سندس ڌيءَ کي طلاق نه ڏيندو ته پوءِ هو عدالت کي اپيل ڪندو.
هن اها ڳالهه شعيب ملڪ پاران 21 جنوري جي ڏينهن ڪراچي ۾ ڏنل هڪ بيان جو جواب ڏيندي چئي آهي جنهن ۾ شعيب چيو هو ته عائشه صديقي سان سندس نڪاح ناهي ٿيو. ايم اي صديقي جو چوڻ آهي ته سندس ڏي عائشه جو نڪاح ٽيليفون جي ذريعي 3 جون 2002 تي شعيب سان ٿيو هو ۽ انهن وٽ هن ڳالهه جا يقيني ثبوت پڻ موجود آهن.
صديقي جو چوڻ آهي ته شعيب ان رشتي کي ان لاءِ ختم نٿو ڪرڻ چاهي ڇو ته سندن خاندانن ۾ جهيڙو ٿيو آهي ۽ هو مشهور ٿيڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. صديقي جو چوڻ آهي ته هن مامري جي سبب سندس ڌي کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي جنهن جي سبب کيس ڪيترا ئي ڀيرا اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.