{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

شاهد آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
May 31st, 2011
4.5 / 5 (7 Votes)

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شاهد خان آفريدي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شاهد خان آفريدي موجب سندس فيصلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي بدسلوڪي جو نتيجو آهي.

 

شاهد خان آفريدي جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي ڪرڪيٽ بورڊ جي ماتحت ڪرڪيٽ کيڏي نٿو سگهي. سندس چوڻ آهي ته هن ڪا به غلطي ناهي ڪئي جنهن جي ڪري ڪرڪيٽ بورڊ کيس ڪپتاني کان هٽايو آهي.

 

ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز کٽڻ بعد کيس انڪري ڪپتاني کان هٽايو ويو ته هن وطن ورڻ تي ٽيم مئنيجمنٽ سان جهيڙي بابت ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. شاهد آفريدي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميڊيا سان ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻ جو نوٽيس پڻ جاري ڪيو جنهن جو جواب ڏئي چُڪو آهي.

 

شاهد آفريدي کي آئرلينڊ خلاف ون ڊي مئچن جي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ عام رانديگر جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو جڏهن ته ڪپتاني مصباح الحق حوالي ڪئي وئي. شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته سندس بيمار پيءُ جي سار سنڀار لاءِ آمريڪا هجڻ سبب آئرلينڊ خلاف سيريز کيڏي ڪونه سگهيو پر سيريز نه کيڏڻ جو اصل ڪارڻ ڪپتاني کان هٽائڻ آهي.

 

شاهد آفريدي سال 2006 ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو پر گذريل سال انگلينڊ جي دوري تي پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جو ڪيپٽن مقرر ٿيو پر آسٽريليا خلاف لارڊز ٽيسٽ هارائڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو فيصلو ڪيائين.

 

شاهد آفريدي جو ٽيسٽ مئچز جو ڪيريئر رڳو 27 ٽيسٽ مئچن تي آهي جنهن ۾ 5 سئنچرين ۽ 8 هاف سئنچرين جي مدد سان 1716 رنسون ۽ 48 وڪيٽون حاصل ڪيائين.