{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > شاهد آفريدي تي 45 لک ڏنڊ

شاهد آفريدي تي 45 لک ڏنڊ

ويچار ڊيسڪ
June 17th, 2011
4 / 5 (1 Votes)

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊسيپلينري ڪاميٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙين ڪرڻ تي پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي تي 45 لک جو ڏنڊ وڌو آهي ۽ هاڻي ڪرڪيٽ بورڊ هيمپشائر ڪائونٽي کيڏڻ لاءِ شاهد خان آفريدي کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

شاهد خان آفريدي اِهو فيصلو قبول ڪندي چيو ته اڃان تائين پاڪستان پاران بين الاقوامي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪونه ڪيو آهي.

 

آل رائونڊر شاهد خان آفريدي خمس ڏينهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪاميٽي آڏو پيش ٿيو. شاهد خان آفريدي ڪاميٽي جي فيصلي کان پهريان ئي ميڊيا آڏو سندس غلطي جو اعتراف ڪيو پر معافي ڪونه گهريائين ڇاڪاڻ ته هو سڀ ڪجهه چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ مجبور هو.

 

سلطان راڻا جي اڳواڻي ۾ ڊسيپلينري ڪاميٽي شاهد خان آفريدي ڪيس جي طويل ٻڌڻي ڪرڻ بعد شام جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قانوني مشير تفصل رضوي ڪاميٽي جو فيصلو پڙهي ٻڌايو. هن چيو ته 45 لک ڏنڊ وجهڻ واري فصيلي جي وجه بعد ۾ ٻڌائيندا سين.

 

شاهد خان آفريدي ڪاميٽي جي اعلان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اِهو مامرو ميڊيا ۾ آيو جنهن سان ملڪ جي بدنامي پڻ ٿئي آهي. هن چيو ته ڊسيپلينري ڪاميٽي سُٺي نموني سان سندس ڳالهيون ٻڌي ڪري اِهو مسئلو نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي انڪري انهيءَ فيصلي کان خوش آهي.