{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > آءِ سي سي ڪرڪيٽ ۾ سياستدانن جي مقرري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ۾ سياستدانن جي مقرري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ويچار ڊيسڪ
June 30th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

هانگ ڪانگ ۾ جاري آءِ سي سي جو 5 ڏينهن جو اجلاس اڄ ختم ٿيو. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ۾ سياسي بنياد تي مقرري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. موجوده ڪاررواين جو مقصد کيڏ کي شفاف بنائڻ آهي.

 

هانگ ڪانگ ۾ آءِ سي سي جو اجلاس ختم ٿيڻ تي چيف ايگزيڪٽو هارون لورگاٽ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ميمبرن ملڪن بورڊ جي سربراهن جي مقرري جي قانونن ۾ بدلي تي اتفاق ڪيو آهي جنهن سان شفاف چونڊن سان گڏ ڪرڪيٽ باڊيز کي سياسي مداخلت کان پري رکيو ويندو. هارون لورگاٽ چيو ته گورننگ بورڊ سموري ڪرڪيٽ بورڊ کي سياسي بنياد تي عهديدار مقرر ڪرڻ ۽ چونڊن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ اِهو فيصلو ڪرڪيٽ جي راند ۾ سياسي اثر ختم ڪرڻ ۽ شفاف چونڊن کي سامهون رکندي ڪيو ويو آهي.

 

سمورن ميمبرن جي گڏيل فيصلي کانپوءِ ان قانون کي سڀنيءَ ڪرڪيٽ بورڊز لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ اِهو قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ جون 2013 تائين مهلت ڏني وئي آهي. جيڪڏهن ڊيڊ لائين تائين قانون تي عمل ڪونه ٿيو ته آءِ سي سي کي سڀنيءَ ڪرڪيٽ بورڊز تي وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.