{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > اسپاٽ فڪسنگ: محمد عامر ۽ مظهر مجيد عدالت ۾ ڏوهه قبولي ورتو

اسپاٽ فڪسنگ: محمد عامر ۽ مظهر مجيد عدالت ۾ ڏوهه قبولي ورتو

ويچار ڊيسڪ
September 17th, 2011
5 / 5 (1 Votes)

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ شامل پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ۽ بڪي مظهر مجيد جمعه ڏينهن لنڊن جي مقامي عدالت ۾ پيش ٿي ڪري پنهنجو ڏوهه قبولي ورتو آهي محمد عامر سندس وڪيل ذريعي عدالت ۾ پنهنجو لکيل بيان جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هنن گذريل سال انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ۾ مئچ فڪسنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. لنڊن جي ڪرائون پراسيڪيوشن سروس 3 پاڪستاني رانديگرن ۽ بڪي مظهر مجيد خلاف فريب ۽ غير قانوني رقم وٺڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. ڪيس جو فيصلي واري ٻڌڻي 4 آڪتوبر تي لنڊن ۾ شروع ٿيندي. برطانيا ۾ جعلسازي جي سزا 7 کان 10 سال قيد ۽ ڏنڊ آهي. ذريعن موجب ڏوهه قبولڻ سان سلمان بٽ ۽ محمد آصف جون پريشانيون وڌي ويئون آهن.