4 اپريل جو ذڪر آهي جڏهن جناب امر چند سهگل ۽ ماتا ڪيسي ڪور جي گهر ڪندن لال سهگل پيدا ٿيو. تڏهن سندس خاندا جمو ڪشمير ۾ رهندو هو، توڙي خانداني گهر جالنڌر ۾ آهي. ننڍپڻ کان وٺي ڪندن جو رجحان سنگيت ڏانهن هيو. مندر ۾ ڀجن ٿيندو هو ته سندس قدم مندر جي ڏاڪن ڏانهن وڌندا هئا. هن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو خاص شوق نه هيو. رب سائين هن کي ايتري سُريلي آواز سان نوازيو هو ته رستي ويندڙ ماڻهون به سندس آواز ٻُڌي بيهي رهندا هئا.
چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيرو سهگل صاحب سندس دوستن سان ويهي گيت ڳائي رهيو هو، سندس آواز روڊ کان ٿيندي هڪڙي مسافر جي ڪنن تائين پهتي ته مسافر پنهنجو ڪم ڇڏي سندس ڪلام ٻُڌڻ لاءِ وٽس پهتو. ڪندن سان ملاقات ڪري مسافر تمام گهڻو خوش ٿيو، سندس نالو ماسٽر رومي هيو ۽ هو سنگيت جي باري گهڻو ڪجهه ڄاڻيندو هو. ڪندن ماسٽر رومي جي شاگردي اختيار ڪئي ۽ ماسٽر کان سنگيت جي تعليم حاصل ڪئي ۽ جلدي عظيم ڳائڻو بڻجي ويو.
ڪجهه دير کانپوءِ هو دلي شفٽ ٿيا، جٿي روزگار لاءِ ننڍا وڏا ڪم ڪندو هو. پي ڊبليو ڊي ۾ ملازمت به ڪيائين ۽ ريلوي کاتي ۾ ٽائپسٽ جي نوڪري به ڪيائين. پر هن جي اندر جي سنگيت ڪار سهگل جي روح کي بيچين ڪري ڇڏيو، پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي ڪلڪته آيو. سندس سنگيت جي ٻُک کي ڪلڪتي جو آب هوا راس آئي. هن دور جي مشهور سنگيت ڪار راءِ چند بورل سان ملاقات به ڪيائين جنهن سنگل جي آواز رڪارڊ ڪرڻ جو انتظام ڪيو.
1931ع ۾ سندس پهريون گانو ”جھولنا جھلائو! انبوا ڪي ڊالي پي ڪوئل بولي“ رڪارڊ ٿيو. هو گانو سهگل جي زندگي ۾ اهم موڙ ثابت ٿيو. شهرت سندس پير چُمي رهي هئي. سندس پهرين فلم ”صبح ڪا ستاره“ هئي جنهن جي ڊائريڪشن نيو ٿيٽر وارن ڪئي. پوءِ هن فلم پورن ڀگت ۽ چندي داس ۾ ڪيو ڪيو جنهن جا گانا مقبوليت جون بُلنديون ماڻيندا رهيا.
سهگل صاحب کي ڪلڪته ۾ رهندي گهڻو عرصو ٿي چُڪو هو. بنگالي زبان تي به توهانکي عبور حاصل هيو. ان ڪري توهانکي بنگالي فلمن جي آفر ڪئي وئي. 1933ع ۾ هندي فلم ”يهودي ڪي لڙڪي“ ۾ بطور ايڪٽر ڪم ڪيو ۽ فلم کي سنگيت به ڏنائون. پوءِ غزل جو دور شروع ٿيو. مرزا غالب جي ڪلام جو ترجمو ڪري نه رڳو اردو غزل جي سيوا ڪئي پر پاڻ کي عظيم ڳائڻن ۾ به شمار ڪرايو.
نتن بوس جهڙي عظيم ڊائيريڪٽر جي سنگت توهانجي اندر موجود اداڪار کي سڃاتو. ديوداس جي روپ ۾ جڏهن سهگل صاحب کي اسڪرين تي آندو ويو ته ماڻهن سندن اداڪاري جي تعريف ڪئي. فلم جا گانا ”بالڪ آئي بسو ميري من مين، دک ڪي اب دن بيتت ناهين“ ايترا مشهور ٿيا جو سهگل فلمي سنگيت جي دنيا جي قدآور شخصيت بڻجي ويو.
ديوداس کانپوءِ ”ڌوپ ڇائون“ ”پجارن“، ”ڪاروان حيات“ فلمون به ڪامياب ٿيون. 1938ع رڳو سهگل جو زمانو هيو. پريزيڊينٽ، سٽريٽ سنگر، دشمن، ڌرتي ماتا ۽ ميري بهن وغيره فلمن ۾ سندس گانا تمام مشهور ٿيا. 1942ع ۾ سهگل صاحب ڪلڪته کان بمبئي (ممبئي) آيو جٿي سندس تعلق فلم ڪمپني ”رنجيت مووي ٽون“ سان ٿيو.
ڀگت سورداس فلم ۾ ”نين هين ڪو راه دکا پرڀو“ ”راگ درباري“ ۾ ۽ ”نس دن برست نين هماري“ کانپوءِ سهگل صاحب تمام گهڻو مشهور ٿيو. پوءِ فلم ”تان سين“ جنهن جا گانا سنگيت جي مثال هئا، ان فلم کي بهترين موسيقي فراهم ڪرڻ لاءِ توهان ڏاڍي محنت ڪئي. ان فلم جا گانا راڳ ديپڪ، شنگر، جي جي ونتي ۽ راڳ بهادر تي تيار ڪيا ويا هئا، انهن راڳن کي سهگل صاحب تمام بهترين انداز سان پيش ڪيو.
1945ع کانپوءِ پنهنجي دور جي مشهور اداڪاره ۽ ڳائڻي ثريا سان گڏجي ڪري گانا ڳائڻ جو موقعو مليو. ڪانن ديوي ۽ خورشيد سان به گانا ڳائڻ جو موقعو مليو. تقدير، پروانه ۽ عمر خيام جهڙي فلمن کان توهانجي فن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. توهانجي آخري فلم شاهه جهان هئي.
هن فلم جي سنگيت ڊائيريڪٽر مرحوم نوشاد سهگل کي ڪجهه اهڙا گانا ڳائڻ لاءِ تيار ڪيو جن گانن جي سبب نوشاد ۽ سهگل ٻئي امر ٿي ويا. ”غم ديئي مستقل.... هاءِ هاءِ يه ظالم زمانه“،”اي دل بي قرار ڪيو“ ۽ “جب دل هي ٽوٽ گيا هم جي ڪي ڪيا ڪرين گي“ جهڙي گيتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. انهن گيتن ۾ سهگل صاحب هڪ نئون رنگ ڀريو ۽ سندس شخصيت جي مُهر هنيائون.
اها ڳالهه ٻڌائڻ جي قابل آهي ته سهگل پهريون ڳائڻو هيو جنهن جي گيتن لاءِ رائلٽي جو رواج شروع ٿيو. تبليغ جي مشڪل جي باوجود سري لنڪا، ايران، عراق، انڊونيشيا، فجي ۽ افغانستان جهڙي ملڪن ۾ توهانجا گانا ٻُڌا ويندا هئا ۽ سندس گيتن کي تسليم ڪيو ويندو هو. اڄ به پاڪستان سميت انهن سمورن ملڪن ۾ 18 جنوري تي سهگل جي ياد ۾ سنگيت جون گڏجاڻيون ٿينديون آهن. نه وسارڻ کپي ته 18 جنوري 1947 تي وحشي هٿن اسان کان سهگل جهڙو مهان ڳائڻو کسي ورتو هو.
سهگل جو هر دل عزيز هجڻ جو عالم اهو آهي ته سنسار ۾ سنگيت جي عبادت ڪندڙ اڄ به سندس آواز جا ديوانه آهن. توڙي اڄ سهگل صاحب اسان جي درميان ناهي پر سندس ڪلا سُنهري يادون بڻجي ڪري هميشه اسان سان گڏ آهن. هن مهان ڪلاڪار کي اڄ جنم ڏينهن جي موقعي تي سنگيت جي دنيا جو بادشاهه سمجهي مان سمان ڏنو وڃي ٿو. سهگل صاحب جي باري مرحوم سنگيت ڪار شاعر نوشاد چيو هو ته:
نوشاد ميري دل ڪو يقين هي مڪمل
نغمون ڪي قسم آج ڀي زنده هي وه سهگل