انڊين پريميئر ليگ جي هڪ مئچ دوران هرڀجن سنگهه فاسٽ بالر سري سانت کي ٿڦ هڻي رواريو ۽ هڪ نئين مشڪل ۾ ڦاسي پيو. مئچ جي دوران سري سانت، هرڀجن کي ڪجهه چيو هو جنهن سبب ڪاوڙجي ڪري هرڀجن کيس ٿف هنئي. مئچ کانپوءِ سري سانت ميدان ۾ روئيندو رهيو.
هن کانپوءِ ڊريسنگ روم ۾ وڃي هرڀجن، سري سانت کان معافي گهري. بعد ۾ ٽي وي چئنل کي بيان ڏيندي سري سانت چيو ته هي ڪو وڏو مسئلو ناهي. راند ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي. آئون بالڪل صحيح آهيان ۽ اسين ٻئي هندستان جي قومي ٽيم ۾ کيڏندا رهندا سين. پوءِ جڏهن هرڀجن کان هن باري پڇيو ويو ته هن ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.
سري سانت جي ڪامياب ٿيل ٽيم جي ڪپتان يووراج سنگهه جو چوڻ آهي ته هرڀجن چڱو ڪم نه ڪيو آهي، راند ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي. هن ڳالهه کي برداشت نٿو ڪري سگهجي.