کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > جديد بيٽ، بيٽسمين کي غير منصفاڻو فائدو؟

جديد بيٽ، بيٽسمين کي غير منصفاڻو فائدو؟

وچار ڊيسڪ
May 8th, 2008

روايتي طور تي ڪرڪيٽ جا قانون ٺاهيندڙ اداري جي مارليبون ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي سي) جي هڪ خاص اجلاس ۾ هن ڳالهه تي غور ڪيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ بيٽ ۾ ڪاربن فائبرز ۽ گريفائٽ جهڙي عناصر سان تيار ٿيندڙ جديد ڪرڪيٽ بيٽ سان بيٽسمين کي غير منصفاڻو فائدو ته نٿو ملي.

 

ڪرڪيٽ جي قانون نمبر 6 جي هيٺ بال ۽ بيٽ جي درميان توازن هجڻ گهرجي ۽ هن اجلاس ۾ اڄڪل تيار ٿيندڙ ڪرڪيٽ بيٽس ۽ هن جي هينڊلز ۾ نئين مٽيريل جي استعمال جي تناظر ۾ انهيءَ قانون تي وري غور ڪيو ويندو.

 

ڪاربن فائبرز ۽ گريفائٽ جهڙو عناصر استعمال ڪرڻ سان هڪ پاسي تي ڪرڪيٽ بيٽ جي مضبوطي ۽ طاقت ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ هتي ئي بيٽ جي وزن ۾ کوٽ جو سبب به بڻجندو آهي ۽ ايم سي سي هن ڳالهه جو فيصلو ڪندي ته اهڙي تبديلي بيٽسمين لاءِ غير منصفاڻي فائدي جو سبب ته ناهي.

 

اڄڪلهه ڪرڪيٽ بيٽس جا هينڊل ڪاربن فائبر جي ڦوڪي ڏنڊي تي مشتمل هوندا آهن جنهن کي بيٽ سان ڪاٺي جي ٽڪري جي مدد سان جوڙيو ويندو آهي جڏهن ته روايتي بيٽ جو هينڊرل بيد ۽ ربر تي مشتمل هوندو آهي ۽ هن جو وزن ڪاربن واري هينڊل کان 6 آئونس وڌيڪ هوندو آهي. جديد بيٽ جو بليڊ به وڌيڪ ٿلهو هوندو آهي جنهن سان هن کي درمياني حصي جي طاقت ۽ مضبوطي ۾ اضافو ٿيندو آهي.

 

ايم سي سي جي هن خاص اجلاس کانپوءِ ڪلب جو ساليانو عام اجلاس به ٿيندو جنهن ۾ هن ڳالهه تي بحث ڪئي ويندي ته هو ڪهڙا عناصر آهن جنهن کي قانوني طور تي بيٽ جي تياري ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

 

هن مهل ڪرڪيٽ قانون ۾ بيٽ جي تياري جي حوالي سان تمام گهٽ شرطون آهن جن جي هيٺ بيٽ ڪاٺي جو هجڻ گهرجي ۽ هن جي گهڻي ۾ گهڻي ويڪر سوا انچ ۽ ڏيگهه 38 انچ هجڻ گهرجي.

 

نه وسارڻ گهرجي ته 2006ع ۾ راندن جو سامان تيار ڪندڙ ڪمپني ڪوڪابرا، آسٽريائي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان رڪي پونٽنگ جي لاءِ هڪ بيٽ تيار ڪيو هو جنهن کي هن بنياد تي غير قانوني قرار ڏنو ويو هو ڇاڪاڻ ته هن جي بليڊ جي پوئتي گريفائٽ جي پٽي لڳيل هئي ۽ ايم سي سي جو چوڻ هو ته ”هن بيٽ سان ڪرڪيٽ بال جي شڪل خراب ٿي سگهي ٿي“. بين الاقواني ڪرڪيٽ ڪائونسل به ايم سي سي جي فيصلي جي حمايت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪمپني اُهو بيٽ واپس ورتو هو.

 

ايم سي سي جي اجلاس ۾ ڪنهن قانون ۾ تبديلي لاءِ 18 هزار ممبرن مان به ڏهائي جي حمايت درڪار هوندي آهي ۽ جيڪڏهن بيٽ جي ساخت جي قانون ۾ ڪو تبديلي ٿيندي ته هن جو نفاذ ڪنهن پروفيشنل مقابلي ۾ 1 آڪٽوبر 2008ع کان پهرايان نه ٿي سگهندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com