کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > راڪاس ”عظيم کلي“ جا چرچا

راڪاس ”عظيم کلي“ جا چرچا

وچار ڊيسڪ
May 8th, 2008

هن مهل آمريڪا ۾ شهرت ماڻيندڙ انڊيا جو اڳوڻي هاري ريسلنگ جي ميدان ۾ عالمي سطح تي شهرت حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس مُلڪ ڀارت ۾ به شهرت ماڻي رهيو آهي. هماچل پرديش سان تعلق رکندڙ 7 فٽ 3 انچ ۽ 200 ڪلو گرام وزني دليپ سنگهه رانا آمريڪا ۾ ايٽلانٽا ۾ رهندو آهي.

 

رانا ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمنٽ ڊبلو ڊبليو اي جو مشهور ريسلر آهي ۽ هو ڊبليو ڊبليو اي ۾ درج ٿيل انڊيا جو پهريون شهري آهي. سندس نالي جو شمار جديد ريسلنگ جي دنيا جي عظيم اسٽارز هلڪ هوگن ۽ دي راڪ سان ڪيو ويندو آهي. هالي وڊ کان ڪم جي آفر ٿيڻ کانپوءِ هاڻ هو انڊيا ۾ بالي وڊ تي نظر رکندو آهي.

 

36 ورهين جو رانا پنهنجي گهر ۾ ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ انڊيا ويو آهي جٿي سندس زندگي تي مبني فلم تيار ٿي رهي آهي. رانا انگريزي ٻولي جي فلم ”دي لانگسٽ يارڊ“ ۽ ”گٽ سمارٽ“ ڪردار ادا ڪري چُڪو آهي.

 

ڊبليو ڊبليو اي جي ويب سائٽ جي مطابق رانا انڊيا جي جھنگلن ۾ پائٿن نانگ جي پرواه نه ڪندي گهمندو هو ۽ هو بنگال جي سفيد شينهن سان به وڙهي چُڪو آهي. سندس باري ۾ هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته جڏهن هو ڪنهن کي چتائي ڏسندو آهي ته زمين به ڏڪندي آهي. رانا اهي ڳالهيون ٻڌي کلندو آهي. ”آمريڪين ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته انڊيا مان ڪو ماڻهون ڊبليو ڊبليو اي ۾ اچي سگهندو. پر هاڻي اُهي مونکي ڏسي خوش ٿيندا آهن“.

 

ٻه سال اڳ جڏهن آمريڪا ڊبليو ڊبليو اي جي پهلوانن کي پنهنجي فوجين جي همت وڌائڻ لاءِ عراق موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ته دليپ سنگهه رانا جو نالو به ابتدائي فهرست ۾ شامل هيو. راڻي جي ترجمان اميت سوامي ٻڌايو آهي ته اهو معلوم ٿيڻ کانپوءِ هو عراق نه ويندو ته دليپ سنگهه مستقبل ۾ وڃڻ لاءِ دعا گهري.

 

ماضي ۾ راڻا روڊ ٺاهڻ جي منصوبن تي به ڪم ڪيو آهي. سندس ڳوٺ ڌرانا ۾ هو عورتن جي چوڻ تي مينهن جا ڦر کڻي هڪ واڙي کان ٻي واڙي ۾ رکندو هو. رانا جي زندگي هن مهل نئين واٽ تي هلي رهي آهي جڏهن هو هڪ مشهور برطانوي تن ساز ڊورين ييٽس جي استقبال لاءِ دلي جي ايئر پورٽ ويو هو.

 

ييٽس کيس ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيندي چيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي جسامت قائم رکي سگهندو ته ڊبليو ڊبليو اي ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو. رانا هن کانپوءِ جاپان ويو جٿي کيس ”جائنٽ سنگهه“ چيو ويو ۽ هن کانپوءِ هو جائنٽ سنگهه آمريڪا پهچي ويو. رانا سندس پروفيشنل ڪيريئر جو آغاز 2000ع ۾ ڪيو هو.

 

آمريڪا ۾ کيس سندس مشوري سان ”عظيم کلي“ چيو ويندو آهي. رانا جو چوڻ آهي ته هو گوشت ڪونه کائيندو آهي، شراب ۽ سگريٽ کان پرهيز ڪندو آهي. رانا جو چوڻ آهي ته هو سندس ذال هرمندر ڪور سان ساده زندگي گهاريندو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com