کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > بهترين فاسٽ بالرز جي کوٽ ناهي: وسيم اڪرم

بهترين فاسٽ بالرز جي کوٽ ناهي: وسيم اڪرم

ويچار ڊيسڪ
June 2nd, 2008

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم پنج اهڙي فاسٽ بالرز جي نالن جو اعلان ڪيو آهي جيڪي جلدي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پنهنجو سٺو درجو ٺاهي سگهن ٿا. هن رانديگرن ۾ وهاب رياض، سهيل خان، محمد طلحه، محمد عامر، ۽ زبير به شامل آهن. هنن ۾ وهاب رياض ۽ سهيل خان جو ڊيبيو پهريان ئي ٿي چُڪو آهي.

 

وسيم اڪرم اهو اعلان 26 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيل ست روزه فاسٽ بالنگ جي خاص ڪئمپ جي آخر ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو. وسيم اڪرم جي رهنمائي ۾ هن ڪئمپ ۾ ارڙهن نوجوان فاسٽ بالرز تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. وسيم اڪرم چيو آهي ته اهو خيال درست ناهي ته ست ڏينهن ۾ هنن رانديگرن ۾ ڪو بهتري ڪونه ٿي سگهي ٿي.

 

هن چيو آهي ته جڏهن مان هنن جيترو هوس ته مونکي جي ميلڪم مارشل سيکاريندو هو ۽ مان گهڻو ڪجهه سکندو هوس ڇاڪاڻ ته هن عمر ۾ رانديگرن کي بالنگ نه سيکاري ويندي آهي ۽ نه وري سندن ايڪشن صحيح ڪرايو وڃي ٿو بلڪ هنن کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته بئٽسمين کي ڪڏهن آئوٽ ڪري سگهجي ٿو، پراڻي بال سال ريورس سوئنگ ڪيئن ٿيندي آهي ۽ سلو بال ڪڏهن ڪرائي وڃي ٿي ۽ اهڙيون بيشمار ڳالهيون جيڪي رڳو تجربي سان حاصل ٿينديون آهن.

 

وسيم اڪرم چيو آهي ته لاهور ۾ واقع نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو معيار آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ اڪيڊميز جي برابر بلڪ هنن کان به بهترين آهي. هن اجلاس جي آخر ۾ حصو وٺندڙ سموري فاسٽ بالرز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف سرٽيفيڪيٽ ورهايا ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته وسيم اڪرم زبردست ڪوچ آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سندس خدمتون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر سندس مصروفيات جي سبب هو اسانکي ايترو وقت نٿو ڏئي سگهي.

 

ڊاڪٽر نسيم اشرف هڪ ڀيرو وري چيو آهي ته ٽوئنٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ انڊين ڪرڪيٽ ليگ لاءِ اسانجو موقف اهو آهي جيڪو آءِ سي سي جو آهي ۽ اسين آءِ سي سي جا پابند آهيون. هن چيو آهي ته ايشياء ڪپ کان اڳ رانديگرن جو سوئمنگ ٽيسٽ ٿيندو پر هنن رانديگرن جو جيڪي هن لاءِ ٽيم ۾ چونڊجي ويندا.

 

هن چيو آهي ته پي سي بي جي خواهش آهي ته آءِ پي ايل پاران پ پ ايل ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ڪرايو وڃي پر هن لاءِ اسانجي پهرين ڪوشش هوندي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مان مصروف شيڊيول مان اسانکي ٻن هفتن جو وقت ملي وڃي جنهن ۾ اسين اهو ٽورنامنٽ ڪرائي سگهون.

 

هن چيو آهي ته شعيب اختر جي پابندي تي اپيل ٻڌندڙ ايپليٽ ٽربيونل جي ٽين رُڪن جي نالي جو اعلان هڪ ٻه ڏينهن تائين ڪيو ويندو. ايپليٽ ٽربيونل جو هڪ رُڪن سلمان تاثير هيو جيڪو هاڻ پنجاب جو گورنر آهي ۽ هن پنهنجي مصروفيت جي سبب ايپليٽ ٽربيونل جي اجلاس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ معذرت ڪئي آهي. ٽربيونل جو ايندڙ اجلاس چار جون تي هوندو.

 

بي بي سي جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com