ڪجهه ڏينهن کان ٻارن کان وٺي پوڙها به ٽونٽي ٽونٽي ڪرڪيٽ ۾ مشغول آهن. ڪرڪيٽ جو تماشو مٿي تي سوار آهي. انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جو فائنل مقالبو هن جو سخر هيو. اڳ ۾ ٿيل ليگ ۽ سيمي فائنل مقابلن ۾ ئي اهو ثابت ٿي چُڪو هو ته ٽونٽي ٽونٽي ڪرڪيٽ 5 ڏينهن سان گڏ هڪ زوره ڪرڪيٽ جي واپسي آهي. آءِ پي ايل جي ميچز دوران جتي هر پاسي جشن ۽ جوش جو ماحول هيو، هتي ڪجهه جھيڙا به ڏٺا ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌو سين ته راهول ڊراوڊ جي اڳواڻي ۾ رائل چيلنجر ٽيم جي مالڪ شراب ڪنگ وجي ماليا سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کان ايترو ناراض ۽ مايوس ٿيو جو هاڻي سندس ٽيم وڪرو ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو آهي.
پوءِ خبر آئي ته ڪولڪته نائيٽ رائڊرز ٽيم جي مالڪ شاه رخ خان جو سندس ٽيم جي ڪپتان دادا سورڀ گنگولي سان اختلاف پيدا ٿيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو ايندڙ سال تائين پنهنجي ٽيم ڪنهن کي وڪرو ڪري ڇڏيندو. ڪجهه اهڙيون خبرون به ٻڌيون ويون ته پنجاب ڪنگز اليون ٽيم جي مالڪ پريٽي زنٽا سميت ڪجهه ٻين ٽيمن جي مالڪن پنهنجي ڪجهه رانديگرن کي هوٽل کان ٻاهر جو رستو ڏيکاريو. اهڙي طرح ڪجهه ٻيا اختلاف ۽ جھيڙا به هر ڏينهن ميڊيا ۾ ايندا رهندا آهن.
پر هڪ اهڙو جھيڙو به ظاهر ٿيو جيڪو واضع طور تي اسانجي پنجاب سان جڙيل هو. هو جھيڙو موهالي جي ايس. ايس. پي جناب سرجيت سنگهه کٽڙا ۽ موهالي ڪنگز اليون ٽيم جي مالڪ جناب نيس واڊيا جي جھيڙي مان سامهون آيو. جناب سرجيت سنگهه کٽڙا ۽ جناب نيس واڊيا جي درميان ڪو عام جھيڙي جو مامرو ڪونه هيو، بلڪ هن سان گهڻو ڪجهه جڙيل هيو، جيڪو هن کان اڳ پنجاب جي عوام کي ته ڇا، ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن ۽ وزيرن کي به معلوم نه هيو. اهو سڀ ڪجهه ڇا ٿي رهيو آهي، آخر قصو ڇا آهي؟
دراصل موهالي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ جي دوران ٿيندڙ بي اصولي جي باري جڏهن موهالي جي پوليس اهلڪات جناب کٽڙا ۽ نيس واڊيا جي درميان ڳالهه ٻولهه ٿي ته سندن ڳالهيون جھيڙي ۾ تبديل ٿي ويون. پوليس اهلڪار کي ڪرڪيٽ ميچ جي دوران عام طور تي استعمال ٿيندڙ شراب ۽ سگريٽ نوشي تي اعتراض هيو پر نيس واڊيا هنن شئين کي نظر انداز ڪندي پوليس تي ٽڪيٽ بليڪ ڪرڻ ۽ ٽي شرٽس چوري ڪرڻ جو الزام هڻي رهيو هو.
اهو جھيڙو ايترو گنڀير ٿي ويو جو نيس واڊيا موهالي جي پوليس اهلڪار کي ايستائين به چيو ته مان ننڍي پوليس آفيسرن جي منهن نه لڳندو آهيان، منهنجي رسائي وڏي هستين تائين آهي. بلاشڪ جناب کٽڙا يا پوليس جي نه بلڪ پنجاب سرڪار ۽ سموري پنجابي عوام جي بيعزتي هئي. هن واقعي کانپوءِ اُهي شئيون منظر عام تي آيون جيڪي اڃان تائين عام عوام کان لڪيل هيون. هن کانپوءِ جناب سرجيت سنگهه کٽڙا طويل رپورٽ تيار ڪئي جنهن جي ذريعي اهو مطالبو ڪيو ويو ته موهالي پوليس مئچ جي ڏينهن تائين حفاظت جو انتظام ڪندي جڏهن ته پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن موهالي پوليس جو هڪ ڪروٽ اٺ لک رپيا بقايه رقم ادا ڪندي.
دراصل مامرو اهو آهي ته حفاظتي انتظاميه لاءِ انتظاميه جي کائڻ پيئڻ جو انتظام پوليس محڪمي کي ڪرڻو هوندو آهي پر ڪڏهن به اهو ڪم لاڳيتو ڪونه ٿيو آهي. هن کان علاوه انٽرٽينمنٽ ٽيڪس جو مامرو به آهي. پنجاب جي اڳوڻي حڪومت موهالي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ مئچز جو انٽرٽينمنٽ جو ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيو هو. سرڪار مٽجي وئي پر ريت رواج تبديل ڪونه ٿيا. ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ڪندڙن کي ملندڙ سهولتون جاري هيون.
پڙهندڙن کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته پنجاب ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جو شو ڪرڻ تي انٽرٽينمنٽ ٽيڪس لاگو ٿيندو آهي پر هزارين رپين جي ٽڪيٽن واري ڪرڪيٽ مئچز تي ڪو ٽيڪس ڪونهي. ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مئچز لاءِ به انتظاميه ٽيڪس ادا ڪندي آهي. شاه رخ خان ۽ سورڀ گنگولي جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف جو ڪارڻ به انٽرٽينمنٽ ٽيڪس ئي هيو. شاه رخ خان اولهه بنگال سرڪار کان انٽرٽينمنٽ ٽيڪس معاف ڪرائڻ چاهيندو هو. ان ڪري هو سورڀ گنگولي ۽ اولهه بنگال جي وڏي وزير ڀٽاچاريا جي بهترين تعلقات کي استعمال ڪرڻ چاهيندو هو پر سورڀ گنگولي انڪار ڪري ڇڏيو.
دراصل، موهالي پوليس ۽ آءِ پي ايل انتظاميه جي وچ ۾ پيدا ٿيل جھيڙي جي سبب ڪرڪيٽ جو نئون روپ ٽونٽي ٽونٽي سوالن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته اها آهي جو ڇا جنهن روپ ۾ ڪرڪيٽ جاري آهي، هن کي راند چئي سگهجي ٿو يا نه. اسانجي سمجهه مطابق ڪرڪيٽ جو اهو روپ ڪاروبار جو نئون طريقو آهي، هن راند جو واپاري به ڪو عام ماڻهون ناهي، اربين کربين رپين جي هن ڪاروبار ۾ شائقين کان وٺي رانديگر تائين مهرا آهن. پئسي جي هن راند ۾ عام عوام کي به شامل ڪيو ويو آهي.
حيرت سان گڏ ڳڻتي به ٿي هئي جڏهن منهنجي ڳوٺ مان هڪ دوست فون تي ٻڌايو ته ڳوٺ مان اسين 10 ماڻهون ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ لاءِ موهالي ايندا سين، ٽڪيٽن جو انتظام ڪري ڇڏجو، اسان اچي ڪري پئسا ڏيندا سين. هي ڪرڪيٽ جي واپارين جي ڪاميابي آهي. پر ڏک تڏهن ٿيندو آهي جڏهن عوام جون چونڊيل حڪومتن جا ڇاڙتا به هن تماشي جي بازار کي فقط راند سمجھندا آهن. هن ڏک ۾ تڏهن اضافو ٿيندو آهي جڏهن هڪ ذميوار پوليس آفيسر کي هڪ ڪرڪيٽ مين پنهنجي رسائي ۽ تعلقات جي ڌمڪي ڏيندو آهي پر اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته ٻي مئچ ۾ وري ساڳئي وي آءِ پيز ماڻهن جي حفاظت لاءِ حاضر ٿيڻو پوندو آهي. هن جو ذميوار ڪير آهي؟