کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > فاسٽ بالر محمد آصف دبئي ۾ گرفتار

فاسٽ بالر محمد آصف دبئي ۾ گرفتار

ويچار ڊيسڪ
June 3rd, 2008

پاڪستاني فاسٽ بالر محمد آصف کي منشيات رکڻ جي الزام ۾ دبئي ايئرپورٽ تي انتظاميه گرفتار ڪيو آهي. پنجويهه ورهين جو محمد آصف سومر تي هندستان ۾ ٿيندڙ آءِ پي ايل ٽورنامنٽ کانپوءِ دبئي کان پاڪستان موٽي رهيو هو جڏهن دبئي ايئرپورٽ تي تلاشي جي دوران هن کان ڪو ممنوعه شئي برآمد ٿي.

 

بي سي پي جي چيف آپريٽنگ آفيسر شفقت نغمي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته محمد آصف جي مامري پاران اڃان تائين صورتحال جي پوري جانڪاري حاصل ڪونه ٿي آهي ۽ سندس خلاف اڃان تائين چارج شيٽ داخل ڪونه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اها ڳالهه به ظاهر ناهي ته محمد آصف کان نڪرندڙ شئي ڪهڙي آهي.

 

هن چيو آهي ته اسانکي اُميد آهي ته اهو مامرو ڪنهن غلطي جو نتيجو آهي. هن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اها صورتحال هينڊل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڊائيريڪٽر هيومن ريسورسز نديم اڪرم کي دبئي موڪليو آهي ۽ دبئي هي هڪ قانوني فرم جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون آهن.

 

محمد آصف کي دبئي ايئرپورٽ تي بنا حراستي مرڪز ۾ رکيو ويو آهي ۽ شفقت نغمي موجب نديم اڪرم ۽ محمد آصف جي وڪيل حراستي مرڪز ۾ آصف سان ملاقات ڪئي آهي. هن اهو به ٻڌايو آهي ته اهو مامرو حل ڪرڻ لاءِ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني سفير سان به ويو آهي.

 

هن کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدار نديم اڪرم دبئي کان بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته محمد آصف جو يورين ٽيسٽ ڪيو ويو آهي ۽ سندس بٽون مان نڪرندڙ ممنوعه شئي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ليبارٽري موڪلي وئي آهي.

 

محمد آصف کان برآمد ٿيل منشيات جي باري پاڪستاني ميڊيا کي ڪيتري قسمن جون خبرون ملي رهيون آهن جڏهن ته خبرن جي اداري اي ايف پي، پي سي ب جي هڪ عهديدار جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته آصف کي دبئي ايئرپورٽ تي افيم رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com