کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > انڊين پريمير ليگ: ڪاروبار بڻجي ويل ڪرڪيٽ

انڊين پريمير ليگ: ڪاروبار بڻجي ويل ڪرڪيٽ

پروفيسر ڪُلبير سنگهه
June 5th, 2008

ڪرڪيٽ ڪاروبار بڻجي چُڪو آهي. 44 ڏينهن ۾ 12 ارب جي ڪمائي. سيٽ ميڪس گيم چئنل وٽ آئي. پي. ايل جي ٽيلي ڪاسٽ جو حق هيو. انهن ڏينهن دوران سيٽ ميڪس چئنل جي شائقين جو انگ ايترو وڌي ويو هو جو هڪ ڀيرو 10 سيڪنڊ جو اشتهار ڏيکارڻ لاءِ ڏهه لک رپيا مقرر ڪيا ويا. هڪ لک جو هڪ سيڪنٽ. روزانو نشر ٿيندڙ منپسند سيريل پوئتي رهجي ويا. سيٽ ميڪس هندي جي پهرين 10 چئنلز ۾ شامل ٿي ويو جنهن فلم چئنل ۽ انٽرٽينمنٽ چئنلز جو ڏاڍو نقصان ڪيو.

 

شروع ۾ جيئن رانديگرن جي ٻولي لڳي. سڀئي حيران هئا. ڪرڪيٽ مداح پريشان هئا ته ايترو خرچو ڪيئن پورو ٿيندو. ٽي وي اشتهارن کان 2 ارب رپيا، سپانسرشپ کان 9 ارب رپيا، ٽڪيٽن کان پوڻا ٻه ارب رپيا ۽ اسٽيڊيم جي اندر اشتهار بازي کان 80 لک رپيا ڪمائي ٿي. چاليهه لک ماڻهن اسٽيڊيم ۾ وڃي ڪري، 20 ڪروڙ ڀارتين ٽيليويزن تي ۽ هڪ ڪروڊ پرڏيهي ماڻهن اهي مئچ ڏٺا.

 

ڪرڪيٽ جو روپ ڪيتري دفعي تبديل ٿيو آهي. پر آءِ پي ايل جي روپ ۾ جيڪا تبديلي سامهون آئي آهي هن راند جو مزو ۽ ڪرڪيٽ پريم کي ڌڪ رسايو اهي. ميڊيا هن کي انهيءَ روپ ۾ ڏسڻ، پڙهڻ لاءِ ڀارتين کي مجبور ڪيو آهي. ائين لڳي ٿو ته راند جو مزو هاڻي ماضي جي ڳالهه بڻجي ويندي. اهڙي ليگ دوران ڪرڪيٽ بورڊ، رانديگر ۽ چئنل ڪمائي ڪندا آهن پر مُلڪ پئسو، طاقت ۽ وقت برباد ڪندو آهي.

 

ميڊيا دل کولي آءِ پي ايل کي ڪوريج ڏني. قومي اخبارن هڪ شماري ۾ ٽن ٽن صفحن تي ڪرڪيٽ جو چرچو ڪيو. نيوز چئنلز تي لاڳيتو ڪرڪيٽ ماهرن سان رانديگرن سان ايستائين جو رانديگرن جي گهر ڀاتين سان ملاقاتن جو سلسلو هلندو رهيو. ڊي.ڊي اسپورٽس ۽ ڊي.ڊي نيوز وارن به آءِ پي ايل جي رنگ ۾ رنگجي ويا. ٻي پاسي سيٽ مڪس چئنل جا پروگرامز متاثر ڪونه ٿيا بلڪ هنن ڏينهن دوران ريليز ٿيل فلمن تي به ڪرڪيٽ جو بُرو اثر پئجي ويو.

 

نئين ريليز فلمون ڏسڻ لاءِ ٿيٽرز ڏانهن تمام گهٽ ماڻهون ويا. هن ماحول تي ڀارتي لاڙو ڏسي لڳي ٿو ته مستقبل ۾ جتي رانديگرن جي مُلهه ۾ وڏو اضافو ٿيندو ۽ هن جو ريٽ وڌي ويندو، هتي مشهور انترنيشنل رانديگر هن ليگ ڏانهن ڇڪجي ايندا. ٽيليويزن چئنلز ۾ ٽيلي ڪاسٽ خريد ڪرڻ لاءِ سخت مقابلو ٿيندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com