پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪورنگ باڊي جج رُڪن ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ ت۽ ڪپتان انتخاب عالم بنگلا ديش ۾ هندستان جي هٿان پاڪستان جي بدترين شڪست جو ذميوار ٽيم جو غير مُلڪي ڪوچ جيف لاسن کي قرار ڏنو آهي. انتخب عالم جو چوڻ هو ته هندستان جي خلاف پاڪستان جي ٽيم جي رٿابندي تمام بدترين هئي.
هن چيو آهي ته بنگلا ديش جي وڪيٽن کي ڏسي ٽيم سان باقاعده سپنر نه موڪلڻ به سليڪشن ڪاميٽي جو صحيح فيصلو ڪونه هيو. هن چيو آهي ته ميچ ۾ چار فاسٽ بالرز کي کيڏارڻ به ڪو ڊاهپ جو فيصلو ڪونه هيو. انتخاب عالم موجب هن مئچ جي وڪيٽ سست هئي ۽ اهڙي وڪيٽ تي جڏهن تيز بال ڪرائي وڃي ته بيٽسمين جي زبردست شارٽس جي صورت ۾ سزا ملندي آهي. هن جيف لاسن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيف لاسن سندس بالرز کي اهو ٻڌائي ڪونه سگهيو هو ته کين ڪٿان ۽ ڪيئن بال ڪرائڻي هئي.
انتخاب عالم چيو آهي ته بنگلا ديش ۽ زمبابوي جهڙي ڪمزور ٽيمن کان کٽڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي ۽ هن سان ڪوچ جي ڪارڪردگي کي بهترين نٿو چئي سگهجي. هن چيو آهي ته هڪ مضبوط ٽيم جي سامهون اچڻ کانپوءِ ڪوچ جي اهليت جي خبر پئجي ويندي آهي. انتخاب عالم جو چوڻ هو ته سندس هندستان جي خلاف رٿابندي سان سندس ڪارڪردگي تي سواليه نشان لڳو آهي ۽ هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي هن مامري تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيف لاسن ٽيم جو ڪوچ رهندو يا نه.
جنهن مهل جيف لاسن کي پاڪستاني ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو ته انتخاب عالم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪورنگ بورڊ جو رُڪن ڪونه هيو. هن مهل هن جيف لاسن جي تقرري تي تنقيد ڪئي آهي ۽ ڊيمو واٽمور کي سٺو چيو هو پر هاڻي هو پاڪستاني ڪرڪيٽ بورڊ جو حصو آهي ۽ سندس جيف لاسن تي تنقيد ڏاڍي اهميت رکندي آهي.