کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > نسيم اشرف جي ڪرڪيٽ ٽيم تي ڪاوڙ

نسيم اشرف جي ڪرڪيٽ ٽيم تي ڪاوڙ

ويچار ڊيسڪ
June 13th, 2008

بنگلا ديش ۾ ٿيندڙ 3 قومي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ هندستان هٿان پاڪستان جي بدترين شڪست تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين نسيم اشرف ٽيم جي انتظاميه تي ڪاوڙجي ويو آهي. نسيم اشرف ٽيم جي مئنيجر طلعت علي، ڪوچ جيف لاسن ۽ ڪپتان شعيب ملڪ کي اي ميل موڪلي آهي جنهن ۾ سوال ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪپتان شعيب ملڪ سئو سيڪڙو فٽ ڪونه هو ته کيس هن مئچ ۾ ڇو کيڏاريو ويو. ۽ جيڪڏهن فٽ هيو ته هن بائولنگ ڇو نه ڪئي؟

 

پي سي بي جي چيئرمين هندستان جي خلاف مئچ ۾ پاڪستان جي مجموعي ڪارڪردگي تي ٽيم جي حڪمت عملي باري سخت سوال ڪيا آهن. هن واضع طور تي ٻڌايو آهي ته ايندڙ مئچ کان اڳ اها ڳالهه يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪپتان شعيب ملڪ مڪمل طور تي فٽ آهي ۽ 10 اوورز ڪرائي سگهندو يا نه.

 

ڊاڪٽر نسيم اشرف اهو به ٻڌايو آهي ته هندستان جي خلاف مئچ ۾ وڪٽ ڪيپر ڪامران اڪمل ڪئچ ڊراپ ڪرڻ کانپوءِ به ڪيچ ڪرڻ جو دوعي ڪيو جيڪا راند جي اصلي روح جي خلاف آهي. هن ٽيم انتظاميه کي خبردار ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به رانديگر پاران اهڙي رويي جو اظهار ڪونه ٿيڻ گهرجي.

 

هن دوران پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪوچ عالم، آسٽريلوي ڪوچ جيف لاسن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪرڪيٽ جي حوالي سان هڪ ٻي خبر اها آهي ته نئين بجيٽ ۾ حڪومت ڪرڪيٽ بورڊ جي آمدن تي ٽيڪس هڻڻ جي صلاح ڏني آهي. هن کان اڳ پي سي بي جي آمدن کي ٽيڪس معاف هيو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com