کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > راند ۽ رانديگر > گهپلو، ڊائريڪٽر سان بدتميزي: چيئرمين پي سي بي نسيم اشرف جي معطلي جو فيصلو

گهپلو، ڊائريڪٽر سان بدتميزي: چيئرمين پي سي بي نسيم اشرف جي معطلي جو فيصلو

ويچار ڊيسڪ
June 15th, 2008

پي سي بي جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. معطلي جو فيصلو وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. وسيلن جو چوڻ آهي ته ڊائيريڪٽر سليم الطاف جي نياڻي ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير دوست محمد کوسي فوجي فوري طور تي صدر مسلم ليگ ن ميان نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي حالات باري ٻڌايو جڏهن ته پي سي بي جي اعلي سطح قيادت اڳ ۾ چيئرمين پي سي بي کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

 

وسيلن ٻڌايو آهي ته سليم آفتاب چيئرمين پي سي بي جي وچ ۾ ٿيل جھيڙي ۾ ڊاڪٽر نسيم اشرف سليم الطاف جي ٽائي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي موجوده پي سي بي جي وڏي عهديدار جلدي چيئرمين پي سي بي کي پڪڙي ورتو ۽ سليم الطاف ڪاوڙ سبب ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

 

ٻڌو پيو وڃي ته فنانس مئنيجر محمد مشتاق سليم الطاف کي ڪجهه اهم دستاويز ڏنا جيڪي ڊاڪٽر نسيم اشرف جي گهپلن سان جڙيل هئا ۽ سليم الطاف اهي دستاويز ميڊيا جي سامهون پيش ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو پر پي سي بي جي اچانڪ رڪارڊ ٽيليفون ڪالز راز فاش ڪري ڇڏيو جنهن تي ڊاڪٽر نسيم اشرف محمد مشتاق ۽ سليم الطاف ٻنهيءَ کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

مشتاق کي هڪ وڏي عهديدار ڪمري کان ٻاهر گهرائي گهر وڃڻ جو حڪم ڏنو. ايستائين جو کيس آفيس مان ٻه موبائل فون ۽ بريف ڪيس کڻڻ جي اجازت ڪونه ڏني. محمد مشتاق کي پندرهن منٽن تائين گيٽ تي ويهارڻ کانپوءِ سندس بريف ڪيس جي تلاشي وٺڻ کانپوءِ موبائل فون گارڊ جي هٿ موڪليا. وسيلن چيو آهي ته چيئرمين پي سي بي لاءِ 6 هستين جي نالن جي لسٽ وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي پيش ڪئي وئي آهي جنهن جو فيصلو هڪ هفتي جي اندر ڪيو ويندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com