چين جي اعلي سيڪورٽي آفيسرن خبردار ڪيو آهي ته چين جا دشمن ايندڙ مهيني بيجنگ ۾ ٿيندڙ اولمپڪ گيمز برباد ڪري سگهن ٿا. پبلڪ سيڪورٽي جي نائب وزير يانگ هاننگ چيني اڳواڻ کي هن باري خبردار ڪيو آهي.
ڪجهه مهينا اڳ چين ويندڙ ويزا جا قانون سخت ڪيا ويا آهن. اولهه جا ڪجهه تنقيد ڪندڙ رڙيون ڪري رهي آهن ته اهي ”بيڪار“ رانديون ٿينديون. پر چين هنن راندن جي ايڊورٽائزمنٽ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪري رهيو آهي.
پبلڪ سيڪورٽي جي ويب سائيٽ تي يانگ جو بيان شايع ٿيو آهي ”جيئن جيئن اولمپڪ گيمز ويجھو اچي رهيون آهن چين جي دشمنن پاران ڪاروايون تيز ٿي رهيون آهن ۽ اولمپڪ گيمز برباد ڪرڻ لاءِ پنهنجي سموري طاقت استعمال ڪري رهيا آهن“.
تازو ئي چين ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ ماڻهن لاءِ قانون سخت ڪري ڇڏيا آهن ۽ جن شهرن ۾ اولمپڪ گيمز منعقد ٿينديون هتي اينٽي نارڪوٽڪس ڇاپو هڻي رهي آهي. هن کان علاوه بيجنگ ۾ راند جي ميدانن ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائل پڻ نصب ڪيا ويا آهن.
جمعي تي فرانس جي ميڊيا ٻڌايو هو ته صدر نيڪولس سرڪوزي هنن راندن جي بنياد وجڻ واري اجلا ۾ آمريڪي صدر بش سان شامل ٿيندو.