ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ سري لنڪا، هندستان کي 100 رنز کان شڪست ڏئي ڪري هڪ دفعو وري ايشين چئمپين بڻجي ويو آهي. هندستان جي سموري ٽيم 50 اوور ۾ 173 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊم ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ سري لنڪا پاران جي سوريا 100 رنز ۽ دلشان 56 رنز ٺاهي ڪامياب بيٽس مين ثابت ٿيا جڏهن ته هندستان پاران آر پي سنگھه، ايشانت شرما ٽي ٽي، عرفان پٺان 2 ۽ سهواگ هڪ وڪٽ حاصل ڪئي. ٻي پاسي هدف جي پوئيان ڊوڙيندڙ هندستاني ٽيم جي ٽاپ بيٽنگ لائن کي سري لنڪا جي ميڊيم سيسر مينڊس مات ڏئي ڇڏي. مينڊس 8 اوورز ۾ 13 رنز ٺاهي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.
هندستان پاران سهواگ 8 رنز ۽ ڌوني 49 رنز سان ڪامياب بيٽس مين ثابت ٿيا. سري لنڪا پاران واس 2، ڪلاسڪا را ۽ مرلي ڌرن 1،1 هندستاني کي پويلين جو رستو ڏيکاري. نه وسارڻ گهرجي ته ايشياء ڪپ جو فائنل ڏسڻ لاءِ صدر پرويز مشرف خاص طور تي نيشنل اسٽيڊيم پهتو هو ۽ سنڌ جو گورنر عشرت العباد به هن سان گڏ هيو. صدر عوام ڏانهن هٿ لوڏائي خوشي جو اظهار ڪيو.