هندستاني پوليس جو چوڻ آهي ته هندستاني ڪرڪيٽر مهندر سنگهه ڌوني کي چاهيندڙ ڇوڪرين کان بچائڻ لاءِ ليڊي پوليس گارڊ جي پروٽيڪشن ڏني وئي آهي. ڌوني سري لنگا جي ياترا کان آرام لاءِ معافي طلب ڪئي آهي پر جڏهن کان هو جھار کنڊ رياست جي شهر رينچي ۾ سندس گهر پهتو آهي ته مداحن سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس آفيسر موندر سنگهه ڀاٽيه بي بي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ”ڌوني کي زيڊ ڪلاس سيڪورٽي ڏني وئي آهي جيڪا رياست جي سڀ کان وڌيڪ سيڪورٽي هوندي آهي. پر سندس مداح عورتن کي پري رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته سندس سيڪورٽي لاءِ ليڊي ڪمانڊوز تعينات ڪيون وينديون.“
هڪ ٻي پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته ”ڌوني ٽن هفتن تائين هتي رهندو ان ڪري اسانجي ڪوشش آهي ته ڪو اهڙو واقعو پيش نه اچي جنهن سان اسانکي ندامت ٿئي جيئن ڪلڪته ۾ ٿيو هو.“
نه وسارڻ کپي ته ايڊن گارڊن گرائونڊ ۾ گذريل سال هڪ 18 ورهين جي ڇوڪري سيڪورٽي جي پرواهه نه ڪندي گرائونڊ ۾ ڌوني کي ڀاڪر وڌو هو. ڌوني جي سيڪورٽي لاءِ تعينات ٿيل 15 سيڪورٽي ڪمانڊوز لاءِ مختلف موقعو آهي.
ڌوني انڊين پريميئر ليگ، بنگلا ديش ۾ ٽرائينگلر سيريس ۽ بعد ۾ پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ کانپوءِ رنچي آرام ڪرڻ لاءِ آيو آهي پر رنچي ۾ سندس هڪ هڪ حرڪت تي نظر رکي ويندي آهي ۽ الاهي ماڻهون ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ هر هنڌ پهچي ويندا آهن.