پرويز مشرف جي استعفي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف به استعفي ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ميڊيا ڊپارٽمنٽ سندس استعفي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر نسيم اشرف سندس استعفي ايوان صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر نسيم اشرف جو شمار صدر مشرف جي ويجهي دوستن ۾ ٿيندو هيو.
نسيم اشرف نيشنل ڪميشن آف هيومن ڊويلپمنٽ جو چيئرمين پڻ هيو، اهو ادارو هاڻي بند ٿي چُڪو آهي ۽ هن مان ڪڍيل ملازم روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر نسيم اشرف اڪٽوبر 2006ع تي شهريار خان بدران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. سندس دور ۾ وڏي سطح تي جهيڙا ۽ اختلاف پيدا ٿيا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪيترن ئي جهيڙن جو منهن ڏسڻو پيو جن ۾ رانديگرن باري نشي جون دوائون استعمال ڪرڻ سڀ کان وڏو جهيڙو رهيو آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بُري راند کانپوءِ ڊاڪٽر نسيم اشرف استعفي ڏنو هو پر سندس استعفي منظور ڪونه ٿيو ۽ هو سندس فرض ادا ڪندو رهيو.