{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > لاکين جي دڙي مان 9 هزار سال قديمي تهذيب جا آثار دريافت

لاکين جي دڙي مان 9 هزار سال قديمي تهذيب جا آثار دريافت

وچار ڊيسڪ
February 1st, 2009
5 / 5 (1 Votes)

سکر جي سائيٽ ايريا ۾ 1971 ۾ دريافت ٿيل لاکين جي دڙي جي تحقيق لاءِ بند ڪيل کوٽائي وارو ڪم هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي  شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ طرفان کوٽائي دوران پٿر ۽ پتل جون مهرون مٽيءَ جا ٿانون، زيور ۽ شيشو هٿ ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ ڪالهه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيلو فر ڄاڻايل دڙي جو معائنو ڪرڻ دوران ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته هن قسم جي قديم دريافت کي محفوظ بنائڻ لاءِ هن جاءِ تي ميوزيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين غلام مصطفيٰ شر دعويٰ ڪئي آهي ته نئين هٿ آيل سامان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي اجڙيل لاکين جو دڙو تقريبن 9 هزار سال قديمي موئن جي دڙي کان به اڳ جو آهي جڏهن ته هن جي ڀرسان به اهڙا دڙا موجود آهن جن جي پراڻي وسيع شهر هجڻ جون نشانيون ملن ٿيون هن ٻڌايو ته  لاکين جي دڙي جي تاريخ ۽ ايريو موئن جي دڙي کان وڌيڪ آهي موئن جي دڙي جي پکيڙ  ٻه زربيان پنج ڪلو ميٽر آهي جڏ هن ته لاکين جو دڙو ٻه زربيان ڇهه ڪلو ميٽر آهي اهو به اندازو  لڳايو پيو وڃي ته لاکين جي دڙي ۾ باقائدا ڪارخانه به قائم هئا جيڪي موئن جي دڙي ۽ ڪوٽڏيجي جي حڪمرانن کي انهن جي ضرورت واري شيون فراهم ڪندا هئا هن جي زمين مان هٿ آيل سامان جي تعداد موئن جي دڙي جي سامان کان وڌيڪ آهي ڄاڻايل ڪم 25 فيبروري تائين جاري رهڻ ٻڌايو پيو وڃي واضع رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سائيٽ کاتي طرفان لاکڙين جي دڙي جو پلاٽ هڪ سنعت ڪار کي وڪرو ويو هو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: