هندوستان جي برطانوي قبضي دوران 1919ع ۾ امرتسر جي جليانواله باغ ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت ٻه هزار کان وڌيڪ بي گناھ شهرين جي انگريز فوجين هٿان قتل عام ڏسڻ وارو گواھ سنگاڙه سنگھ 113 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير پرڪاش سنگھ بادل ۽ نائب وڏي وزير سکبير سنگھ سنگاڙه سنگھ جي موت تي تمام گھڻي ڏک جو اظهار ڪندي هن کي هندوستان جي آزادي کان اڳ جي تاريخ جو اهم باب چيو آهي.
انگريز جنرل ڊائر تيرهن اپريل 1919ع جو سکن جي مقدس هنڌ گولڊن ٽيمپل جي ويجھو جليانواله باغ ۾ پر امن ماڻهن تي فائرنگ جو حڪم ڏنو هو، جنهن سان 2000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. جيڪا هن ختي جي تحريڪ آزادي جي گڏ مرڻ وارو جو سڀني کان وڏو تعداد هو. برطانوي حڪومت تڏهن دعوي ڪئي هئي ته هن احتجاج ۾ 379 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1100 زخمي ٿيا هئا.