{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > جڏهن ”جهنگلي“ پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار هئا

جڏهن ”جهنگلي“ پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار هئا

ماجد شيخ
February 19th, 2010

1894ع ۾ جڏهن انگريزن لاهور فتح ڪيو ته گورنر جنرل لارڊ ڊلهوزي اعلان ڪيو ته ”جاهل جهانگلي پنجابين“ کي نئين اينگو درنيڪولر ايجوڪيشن هيٺ علم جي روشني ڏيندو. جڏهن هنن ايسٽ انڊيا ڪمپني بورڊ جو بنياد وڌو ته پهرين کان ان جو وجود ڏسي حيران ٿي ويا.

 

بورڊ اِهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو ته لاهور ۽ ان جي ارد گرد تعليم جي شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي، 80 سيڪڙو ۾ اهڙا ماڻهون پڻ شامل هئا جيڪي  رڳو خط لکي سگهندا هئا. اڄ 2010ع ۾ 9 سيڪڙو کان به گهٽ ماڻهون خط لکي سگهن ٿا جڏهن ته 38 سيڪڙو پنهنجي نالي جي صحي ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن توهانکي آرنلڊ وولنر جي ڪتاب ”هسٽري آف انڊيجينيس ايجوڪيشن ان دي پنجاب“ پڙهڻ جو موقعو ملي ته پوءِ الاهي حيرت انگيز ڳالهين جي خبر پوندي جن جي اڃان تائين اسانکي خبر ناهي. حالتن کي سمجهڻ جا شوقين دانشور پنجاب يونيورسٽي لائبريري ۾ موجود اي سي وولنر جي ڪتابن جي ڪليڪشن جو جائزو وٺي سگهن ٿا. منهنجو تبصرو ايترو سگهارو ناهي. پر اهڙا کوڙ سارا ٽڪرا 1984ع ۾ برطانيا جي حڪومت وقت لاهور جي تعليمي حالت ۽ تعليمي نظام جي خاص تصوير پيش ڪندا آهن.

 

”دي مارڪس آف ڊلهوزيز ايڊمنسٽريشن آف برٽش انڊيا“ ۾ 345 صفحي تي حيرت انگيز حوالو موجود آهي ”بورڊ اِهو ڄاڻي حيران آهي ته پنجاب ۾ تعليم هندستان جي ڪنهن به علائقي کان بهتر ۽ اعليٰ آهي. صرف لاهور شهر ۾ ڇوڪرين جا اي 16 ايليمينٽري اسڪول آهن، ان کان وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اِها آهي ته ڪو ايجوڪيشن جو تعليمي رواج عام آهي. ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه تي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته انهيءَ حقيقت بابت اورينٽل ڪاليج لاهور جي اڳوڻي پرنسپل سر اورل اسٽائن سندس کوج ”گريٽ گيم“ ۾ لکيو آهي جتي هن لاهور جي هندو تعليمي ادارن ويداز ۽ ڌرما سُوترا جي بهترين تعليم جو ذڪر ڪيو آهي. سک اسڪول، مسلمانن جا ”مدرسا“ ۽ هندو اسڪول هن وقت رياضي ۽ فلڪيات ۾ ٿيندڙ ترقي بابت پڙهائيندو هو، هو سمورا اسڪول سک انتظاميا جي ماتحت هئا جنهن بابت سکن کي سڄي هندستان ۾ انگريزن تي حاوي رهڻ جو موقعو مليو.

 

فورٽ وليمز ڪاليج ڪلڪته جي ڊاڪٽر ڪيري جي ڪتاب ”پنجابي گرامر“ کان خبر پوندي آهي ته اِها گرامر هن ”پنجابي قاعدي“ جي مدد سان تيار ڪئي هئي جيڪو مهاراجه تنجيت سنگهه جي دور ۾ پنجابي عورت لاءِ پڙهڻ لازمي هوندو هو. هر ڳوٺ جي ”تپيدار“ جي ذميواري هوندي هئي ته هر ڳوٺ جي هر عورت وٽ اِهو ”قاعدو“ هجي ته جيئن رياست پنجاب ۾ فيملي ليول تي تعليم عام ٿئي. قبضي کانپوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني بورڊ ”مدرسن“ کي ڳوٺاڻي سطح تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. بهترين حڪمراني ڪرڻ ۽ رياستي ڪم ڪرڻ لاءِ انگريزي ٻولي ڳالهائڻ کي لازمي قرار ڏئي ڪري انگريزن پنهنجي لاءِ ڏاهپ جو ثبوت ڏنو، خاص طور تي تعليم لاءِ سينٽرل اسڪول تعمير ڪرايا. انهيءَ ماڊل تي شروع ۾ ايوننگ رنگ محل اسڪول کانپوءِ لوئر مال ۽ سينٽرل ماڊل اسڪول تعمير ڪرايو.

 

انگريزن جي قبضي کان اڳ پنجاب جي تعليمي نظام بابت گورنمنٽ ڪاليج لاهور ۽ پنجاب يونيورسٽي باني ۽ پهرين پرنسپل ڊاڪٽر لائٽنر جي کوج سان معلومات ملي ٿي. ”پنجابي قاعدي“ کي جيئن ڳوٺاڻي ليول کان هٽايو انهيءَ بابت ماهر تعليم جو چوڻ هو ته 1857ع جي واقعي کانپوءِ محسوس ٿيندو هو ته جيستائين پنجابي ٻولي کي پهرين ٻولي کان ڌار نه ڪيو ويندو ”جهنگلي پنجابي“ جلدي انگريزن تي قابض ٿي ويندا. لائٽنر ۽ جان لارنس ٻئي انهيءَ حڪمت عملي تي راضي نه هئا جڏهن ته هينري لارنس، ڊلهوزي ۽ منٽگمري ”انگلش لاڳو ڪرائڻ کانپوءِ پنجابي تعليمي صدارت کي ختم ڪرڻ“ لاءِ فوجي حل چاهيندو هو.

 

پنجاب کي غير فوجي ڪرڻ وقت 1 لک 20 هزار هٿيار ۽ ترارن تي قبضو ڪيو ويو هو. تڏهن ايڊورڊ ۽ مارول 1867ع جي تحرير ۾ (پيج نمبر 433،34) لکيو آهي ”جنگجو پنجابي توڙي سک، مسلمان ۽ هندن کان نه رڳو هٿيار کسيا ويا بلڪ انهن جي ٻولي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سڀنيءَ ڪتابن کي باهه ڏني وئي“. سر اورل اسٽائن ٻڌايو آهي ته ڪيئن رياضي ۽ فلڪيات متعلق ڪتابن جي دولت کان محروم ڪيو ويو. جن کي هينئر تائين شوق آهي هو انهن ڪتابن جا نمونا پنجاب پبلڪ لائبريري ۾ ڏسي سگهن ٿا.

 

ان پراڻي شهر کي ”سُگهڙ“ بڻائڻ لاءِ آيل انگريزن کان 1849ع کان اڳ لاهور ۾ ڪهڙا ”مدرسا“ ۽ ”شوالا“ اسڪول هئا؟ مسلمانن جا ”مدرسا“ هر موڙ تي هئا ”جيڪي ننڍي کنڊ ۾ مشهور هئا“ انهن مدرسن جي بُنياد وجهڻ وارو فقير عزيز الدين جو خاندان هو. هتي نه رڳو پنجابي، عربي، فارسي ۽ اردو جي تعليم ڏني ويندي هئي بلڪ ايليمنٽري ليول تي رياضي جي تعليم ڏني ويندي هئي. ائين علم جي منطق جي پيڙهه بنيادي سطح تي ذهن ۾ منتقل ٿيندي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ته ماڻهون ان جي برعڪس، دراصل انگريز پنجابين کي مليل ”روايتي تربيت جي ادارن“ کي ڌڪ رسائي تعليمي ڍانچو برباد ڪري ڇڏيو.

 

انهن مدرسن ۾ خاص طور تي رياضي، فلڪيات سان گڏوگڏ ڪيمسٽري، فزڪس، تواريخ ۽ جاگرافيائي تعليم ڏني ڏيندي هئي. پنجاب پبلڪ لائبريري جي ريفرنس سيڪشن ۾ تڏهن بهترين جلد واريون ڪتابون موجود هيون. صرف رڪارڊ لاءِ ٻڌائي رهيو آهيان ته انهن ڪتابن جون جلدون مسجد وزير خان جي سامهون چوڪ ۾ تيار ٿينديون هيون جنهن کي هڪ غير قانوني عمارت هضم ڪري چُڪي آهي. ڪلاسڪ جي خواهشمندن بابت توهانکي خبر پوندي ته برٽش ميوزيم لائبريري ”لاهور ڪلاسڪ“ جي بهترين مثال آهي، سڀنيءَ ڪتابن جي ڪور تي چٽسالي ڊيزائننگ واري پينٽنگ ڪئي وئي آهي.

 

لارڊ اوسبوم 1888،1804 ۾ ٿيل کوج ”ڪورٽ اينڊ ڪئمپ آف رنجيت سنگهه“ ٻڌائي ٿي ته سندس ڪئمپ وارا ڪيترا پڙهيل لکيل هئا. ساڳئي ڳالهه سر هينري گريفن جي انهيءَ موضوع ۽ آرٽيڪل ۾ موجود آهي. ڊوگرا ڀائر جيڪي پنجاب حڪمراني ۾ اعلي عهدن تي هئا انهن هندو اسڪول قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو بلڪل ائين جيئن سکن ۾ مجهيٺيا مالوائي ۽ ڌنا سنگهه سک اسڪول قائم ڪيا هئا جتي مسلمان ۽ هندن کي ايڊميشن ملندو هو. انهن مان ڪجهه اسڪولن ۾ ڪو ايجوڪيشن هئي جيڪو انهن لاءِ انقلابي قدم هو. ان جي لاءِ فرانس جو اثر هڪ اهم ڪارڻ آهي.

 

سال 2010ع ۾ جڏهن تواريخ جي تعليم جي اجازت ناهي، جتي سرڪاري سليبس ۾ سائنس کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جتي تعليمي نظام ۽ امتحان جي نظام ٻه وڏا معاشرتي ۽ معاشي طبقا اردو ۽ انگلش ميڊيم قائم ڪيا آهن هتي تعليمي نظام ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ هر ٻار کي پنهنجي ماضي بابت پڙهڻ گهرجي ۽ اسانکي انهيءَ تعليم کان شروعات ڪرڻ گهرجي جنهن کي اسين 160 سال اڳ وساري ڇڏيو هو