{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > يورپي فوجي مهم جُو

يورپي فوجي مهم جُو

مبارڪ علي
February 21st, 2010

18 هين صدي ۾ يورپي ملڪن مان فوجي مهم جا لشڪر نوڪري ۽ وڌيڪ دولت ڪمائڻ جي لاءِ هندستان اچڻ شروع ڪيو. هندستان ۾ سڀ کان پهرين اچڻ وارا واپاري هئا. انهن جو مقصد ڪاروبار جي ذريعي وڌ ۾ وڌ اپراسو ڪمائڻ هو. جڏهن هندستاني دولت يا خبرون يورپ پهچڻ شروع ٿيون ته مسواڙ جي فوجين به هتي اچڻ شروع ڪيو جن کي هندستاني حڪمران اِهو سوچي ڀليڪار چوندا هئا ته هو اسانجي فوج کي بهترين تربيت ڏيندا. هو وڏي پيماني تي دولت گڏ ڪري وطن ورڻ کانپوءِ سڪون جي زندگي گذارڻ جي ارادي سان هندستان ايندا هئا.

 

برصغير جي سياسي ڇڪتاڻ ۾ يورپ جي فوجي آفيسرن کي بهترين تربيت ڏيڻ ۽ طويل عرصي تائين ساٿ ڏيڻ لاءِ ڀرتي ڪيو ويو. مغليه سلطنت جي زوال کانپوءِ اڀرندڙ رياستن کي پنهنجي حفاظت سان گڏوگڏ پنهنجي علائقي جي ايراضي وڌائڻ لاءِ طاقتور فوجين جي ضرورت هئي. هندستان ۾ فوجي مهارت ۽ طاقتور فوجين جي کوٽ هجڻ سبب يورپي آفيسرن کي تربيت ڏيڻ لاءِ بيحد مقبوليت حاصل ٿي هئي. جلدي انهن جي ڊمانڊ وڌي وئي ڇو ته هر رياست يورپي ماڊل وانگر پنهنجي فوج کي بهترين تربيت ۽ هٿياربند ڏسڻ چاهيندي هئي.

 

پهريان آيل فوجين ۾ وڏو انگ فرانس جي آفيسرن جو هو جن کي 1784ع کان 1903 تائين مغل بادشاهه، ادوڌ جا حڪمران، حيدرآباد جي نظام امملڪ، ميسور جو حيدر علي ٽيپو سلطان، راجپوتانه جون رياستون ۽ مراٺا اڳواڻن پنهنجي ملازم جي طور تي مقرر ڪندا هئا. فرانس جي فوجي آفيسرن جي وجود کان ايسٽ انڊيا ڪمپني مطمئن نه هئي. هن کي محسوس ٿيندو هو ته فرانس پنهنجي آفيسرن جي ذريعي هندستان ۾ اثر رسوخ وڌائي برطانيا کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. ۽ ڪمپني جي وڏن آفيسرن کي اِها ڳڻتي پڻ هئي ته فرانس آمريڪا جنگ آزادي هارائي هتي به ساڳيو ڪردار ادا ڪري طاقتور فوجي طاقت وارين هندستاني رياستن کي هندستان جي خلاف ائين ڪتب آڻيندو جيئن آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ريڊ انڊينز کي تربيت ڏئي ڪيو ويو. پر ڪمپني ايتري طاقتور نه هئي ته فرانس جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ترت روڪي سگهي يا هن سان مهاڏو اٽڪائي سگهي.

 

فوجي مهم جو واري دور کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون حصو 1803 ۾ ختم ٿيو جڏهن مرهٽه فوجن کي فرانسيسي ڪمانڊرن جي سربراهي ۾ برطانيا کان آخري شڪست جو منهن ڏسڻو پيو جنهن سان فرانسيسي خطرو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. ٻيو حصو پنجاب ۾ 19 هين صدي ۾ سکن جي حڪمراني کان شروع ٿيندو آهي جيڪو 36 سالن تائين جاري رهيو ۽ 1949ع ۾ انهن جي شڪست سان ختم ٿيو.

 

هندستان آيل يورپي فوجين ۾ برطانيا، آئرلينڊ، اسڪاٽش، فرنچ، جرمن، ڏچ، اطالوي، آمريڪي، آرمينيائي ۽ يهودي شامل هئا. انهن مان ڪيترا ئي هندستاني عورتن سان شادي ڪري هميشه لاءِ هتي آباد ٿي ويا.

 

ڪپلنگ هندستاني فوجين جي يورپي ڍنگ سان تربيت بابت اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ”ڪاري جو اڇي سان وڙهڻ عجيب آهي“. هندستاني رياستن جا حڪمران فرانس جي آفيسرن تي حد کان وڌيڪ ڀروسو ڪندا هئا ۽ انهن کي يقين هو ته فوجن جي تربيت کانپوءِ هو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي خطري کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿي ويندا. هربرٽ ڪامپٽن يورپين ملٽري ايڊونچررز ۾ برطانيا جي اتحادي آفيسر جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو چوندو هو ته ملٽري ايڊونچرر هندستان ۾ خوار ٿيندا وتندا هئا ڪڏهن ان رياست جي خدمت ڪندا هئا ته ڪڏهن ان رياست جي چاڪري ڪندا هئا. هنن جو هڪ ئي مقصد هو ته وڌ ۾ وڌ مال گڏ ڪيو وڃي، هو پنهنجي مالڪ سان سروڪار نه رکندا هئا، انهن کي اِها پرواهه نه هوندي هئي ته سندن مالڪ ڪير آهي يا ان سان ڇا ٿيندو. هندستاني فوجن جو به ساڳيو حال هوندو هو، هندستاني فوجي اهڙي شخص لاءِ نوڪري ڪندا هئا جيڪو وڌيڪ طاقتور هوندو هو. انهيءَ لحاظ سان هندستاني ”عالمي رهواسي“ هئا هو ڪنهن حڪمران، علائقي يا مالڪ سان وفادار نه هئا. اولهه وارن هر طريقي سان مال ۽ دولت گڏ ڪئي هئي.

 

پگهار ۽ جاگير کان علاوه مختلف موقعن تي حڪمرانن کان سوکڙيون پڻ وصول ڪندا هئا. مال غنيمت ۾ انهن جو حصو پڻ هوندو هو. ڪجهه چالاڪ ۽ هوشيار آفيسرن پنهنجي دولت سان ڪاروبار پڻ ڪندا هئا. الاهي دولت گڏ ڪري پنهنجي ملڪ هليا ويندا هئا. ڪيترا ئي ڀيرا انهن کي ڪافي دولت پڻ ملندي هئي. مثال طور جڏهن غلام قادر روهيله مال غنيمت دلي کان موڪلي پيو ته هڪ فرانسيسي آفيسر سڄو سون ۽ قيمتي شئيون کسي هليو ويو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ساڳيو فوجي آفيسر عيش ۽ عشرت جي زندگي گذاريندو رهيو.

 

يورپ جا ڪجهه آفيسر مڪمل طور تي هندستاني رنگ ۽ معاشري ۾ گڏجي ويا ۽ هندستاني نالا رکي رينڌارٽ سومرو بڻجي ويو، جارج هيسن جورس صاحب بڻجي ويو، لوئي بورجين جو نالو بدلجي ڪري لوئي صاحب ٿي ويو، جارج ٿامس جو نالو جهازي صاحب يا جوري بهادر ٿي ويو، پيرن کي پيرو سڏيندا هئا، اسڪنر سڪندر مشهور ٿي ويو، رابرٽ سنڊرلينڊ تسلج صاحب ٿي ويو، ڪيپٽن سائمس هندستاني ٿي ڪري سنڪ صاحب بڻجي ويو.

 

يورپي فوجي جن کي رنجيت سنگهه ڀرتي ڪيو هنن کي هڪ معاهدي تي صحي ڪرڻي پوندي هئي ته هندستاني عورت سان شادي ڪرڻ کانپوءِ انهن کي هندستاني معاشرو اپنائڻو پوندو. کين ٻڌايو ويندو هو ته وڏو گوشت نه کائبو، ماڻهن جي سامهون سگريٽ ۽ ٻين ڪمن کان پرهيز ڪرڻو پوندو، ڏاڙهي رکڻي پوندي، سک ڌرم جو آڌر ڪرڻو پوندو ۽ هن سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪ جي خلاف وڙهڻو پيو ته جنگ کان انڪار نه ڪندا.

 

اڄڪلهه صلاحڪار ۽ ماهرن جي روپ ۾ ٻاهرين ملڪن جا مختلف مهم جو مختلف ڪمن جي تربيت ڏيڻ لاءِ پاڪستان اچي رهيا آهن. پنهنجي فيس جي طور تي اسان کان وڏي پيماني تي رقم ڦرڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪن ڏانهن ورندا آهن ۽ پوئتي رڳو ڀاڄڙ ڏک ۽ افراتفري ڇڏي ويندا آهن.