{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > شاهجهان جو تاج محل بچڻ ڏکيو آهي

شاهجهان جو تاج محل بچڻ ڏکيو آهي

ويچار ڊيسڪ
April 12th, 2011
5 / 5 (2 Votes)

شاهجهان سندس معشوق راڻي جي ياد ۾ جمنا جي ڪپر تي هر لحاظ سان سوچي سمجهي تاج محل ٺهرايو. بنياد کان ڇت تائين هر هڪ سر جي بناوٽ ناليواري ماهرن جي جاچ سان منظور ڪئي وئي. پر شاهجهان کي خبر نه هئي ته جمنا درياهه سُڪڻ سان ڇا ٿيندو؟ جمنا اونهاري جي مُند ۾ لهي ويندي آهي، هي اهڙو مسئلو آهي جنهن جو ڪو به حل ناهي.

 

تاج محل جو بنياد تڏهوڪي معلومات موجب بهترين ۽ مهانگي ڪاٺين سان وڌو ويو. شاهجهان تاج محل جي بنياد لاءِ دنيا جي اعليٰ ۽ مهانگي ڪاٺي استعمال ڪئي. پر پاڻي ڪاٺين جي بنيادي ضرورت آهي. جيستائين جمنا درياهه ۾ پاڻي هو اوستائين ڪنهن به ڳالهه جي ڳڻتي ڪونه هئي پر هاڻي درياهه خشڪ ٿيڻ بعد ڪاٺين کي نقصان ٿيندو ته تاج محل جو ڪجهه به نه بچندو.

 

آگره واسين کي ڳڻتي آهي ۽ ساحر لڌيانوي جو شعر ڀلجي ويا آهن:

 

اڪ شهنشاه ني بنوا ڪي حسين تاج محل

هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هي مزاق

 

هاڻي آگره (جتي تاج محل آهي) جا غريب ۽ امير گڏجي ڪري تاج محل کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. بي جي پي لوڪ سڀا جو ميمبر آر ايس ڪاٿيريا ڀلجي ويو آهي ته هڪ مسلمان بادشاهه جي يادگار آهي اِها مهم هلائي رهيو آهي. هن آر ناٿ جي تاج محل ۽ ڪتاب جو حوالو پيش ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن جنما درياهه سُڪي پوندو ته تاج محل جو ڪجهه نه بچندو. هن سلسلي ۾ هندستان جي صدر پرتيبا پٽيل سان ملاقات پڻ ڪئي آهي. هاڻي آر ايس ڪاٿيريا تاج محل جي تحه خاني ۾ وڃي ڪري رپورٽ تيار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن کي 30 سالن کان ڪجهه به ناهي ڏٺو.