{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > پنجاب جي لوڪ تاريخ

پنجاب جي لوڪ تاريخ

ڊاڪٽر منظور اعجاز
April 3rd, 2012

پنجاب جي لوڪ تاريخ هزارين سال قديم آهي. هن جو پهريون اهڃاڻ اسانکي سنڌ وادي جي معاشري ۽ ثقافت کان ملي ٿو. پر سنڌ وادي جو پهريون دور اسانکي هندستان جي صوبي هريانه، هماچل پرديش، پنجاب سان گڏوگڏ سنڌ تائين ملي ٿو. ان کانپوءِ هزارين سالن ۾ ٿيندڙ تبديلين جي نتيجي ۾ اِهو معاشرو ملڪن ۽ صوبن ۾ ورهائجي ويو. هندستان جي اندريان ۽ ٻاهريان جو عوام اچي ڪري هن علائقي ۾ آباد ٿيو جيڪي پاڻ کي سنڌي پنجابي يا هريانوي سڏائڻ لڳا. کوڙ سارا ماڻهو اهڙا به آهن جن جا نالا (مثال طور سيد، شاهه) آهن جيڪي مسلمانن جي هن علائقي تي قبضو ٿيڻ کان پهرين هتي آباد ڪونه هئا. انڪري هاڻوڪو پنجاب يا سنڌ ساڳيو ناهي جيڪو هڪ هزار يا ٻه هزار سال پهريان هو. پر هن لحاظ سان پنجاب يا سنڌ بيمثال ناهن. سڄي دنيا جا هاڻوڪا ملڪ ساڳئي ريت مختلف نسلن ۽ علائقن جي ماڻهن جي ميلاپ سان قائم ٿيا.

 

پنجاب جي لوڪ تاريخ لکڻ انڪري تمام ڏکيو ڪم آهي ڇو ته ڌارين خاص طور حملو ڪري ملڪ تي قبضو ڪندڙن انهيءَ علائقي جي تاريخ رقم ڪئي آهي. اڄ اسين جيڪي تاريخي ڪتابون پڙهي رهيا آهيون انهن مان کوڙ ساريون مسلمانن جي حڪومتي دور ۾ درباري دانشورن لکيون آهن. ان کان هزارين سال قديم هندو ويد (هندن جا چار مذهبي ڪتاب) جو مطالعو ڪندا سين ته اُهي به ڌارين يعني ٻاهرين ملڪن کان اچي قبضو ڪندڙن جي لحاظ سان لکيون ويئون آهن. هنن مان رگ ويد سرفهرست آهي جنهن ۾ واضع آهي ته ڌارين جيڪي بيشڪ اڇي رنگ وارا آريا هئا يا ٻيا، مقامي ماڻهن جي مذمت ڪئي ۽ کين ٻاهريون بلائون چيو ويو.

 

پنجاب واسين جو نسل ۽ مرتبا مٽيا، ٻولي ۽ ثقافت پڻ لازمي بدلجي ويئي پر هڪ ڳالهه هميشه وانگر آهي تاريخ هر نئين حڪمران طبقي جي لحاظ سال رقم ڪئي ويئي. سنڌ وادي جي متعلق ۽ کاٽي دوران هٿ ڪيل شهرن جا اهڃاڻ ۽ هتي استعمال ٿيندڙ شئين کانسواءِ ڪا به تحرير موجود ناهي. پر ويد ۾ ڌارين قبيلن جي لحاظ سان وصفون رقم ڪيل آهن جن ذريعي اسين تحقيق ڪرڻ بعد وصفن ۾ لکيل ڳالهيون پڙهي ساڳئي معاشري جو ڍانچو ڳوليون ٿا. انهن وصفن ۾ به اتي آباد قديم ماڻهن کي مختلف قسم جون بلائون ڄاڻايو ويو ۽ پنهنجي نسل جي ويڙهاڪن کي خدا قرار ڏنو ويو. تنهنڪري انهيءَ لحاظ سان ان کي تڏهوڪي پنجاب واسين جي تاريخ نه ٿو چئي سگهجي. اسانکي انهيءَ ڳالهه جي خبر آهي ته ڌارين جي ثقافت ۽ معاشرو ڪهڙو هو پر هتان جي اصل رهواسين جي متعلق ڄاڻ ناهي.

 

ويد کانپوءِ گپتا دور هجي توڙي موريائن جو راڄ هجي اسانکي مذهبي تحريرن ذريعي راجائن جي ڪرتوتن جي خبر پوندي آهي پر اسانکي انهيءَ ڳالهه جي تمام گهٽ خبر آهي ته تڏهوڪي دور ۾ ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو هو يا وري اُهي ڇا ڀوڳي رهيا هئا. تڏهوڪي دور جي اٽل ۽ سچي تحرير ارٿ شاستر اسانکي ٻڌائي ٿي مهاراجائن کي راڄ ڪيئن ڪرڻ گهرجي پر اِهو نه ٿي ٻڌائي ته لوڪ حياتي ڪيئن هلي رهي آهي. انهيءَ دور ۾ ذات، ڌرم جو نظام مستحڪم ٿيو جنهن کي منو سمرتي جي اصولن ۾ رقم ڪيو ويو. پر اِهو ناهي ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو شودر (اڇوت) بڻيا اُهي ڪير هئا ۽ ٻين ذاتن جو بنياد ڪيئن وڌو ويو. ساڳئي دور ۾ جاگيرداري به هندستان ۾ قدم رکيو پر جاگيرداري جي بنياد ۽ بناوٽ بابت سنئين سڌي تحرير موجود ناهي، انهيءَ ڳالهه کي آر شرما جهڙن عظيم مورخن (تاريخدانن) قديم حڪم نامن ۽ مذهبي ڪتاب ۾ لڪل راز پڌرا ڪيا.

 

ٻارهين صدي کان جڏهن محمود غزنوي پنجاب تي قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ مسلمان درباري مورخن، ليکڪن بادشاهن جي متعلق تاريخون رقم ڪيئون. انهن ۾ البيروني جي الهند کانسواءِ سڀنيءَ تحريرن ۾ غضبناڪ ترميم، ڪوڙ، من گهڙت ۽ قياسي ڪهاڻيون پڻ لکيون ويئون. جنهن جو سڀ کان وڏو مثال سومنات تي محمود غزنوي جو حملو ۽ املهه سون لٽڻ جي ڪٿا آهي جنهن کي مسلمان پنهنجي لحاظ سان سچ سمجهن ٿا ۽ هندو پنهنجي لاڀ خاطر. پر پاميلا ٿاپر سندس ڪتاب ”سومنات“ ۾ ثابت ڪيو آهي ته سومنات نه وڏو مندر هو نه ئي اتي محمود غزنوي جي حملي ڪرڻ جو ثبوت آهي.

 

مسلمان دور کي بادشاهن جي لحاظ سان لکيو ويو ۽ هر مورخ (تاريخدان) پنهنجي پالڻهار بادشاهه جي ڪوڙي وصف ۽ تعريف بيان ڪئي. هنن مان اڪبر بادشاهه کي عظيم بادشاهه مڃيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هندو به کيس منصف حڪمران مڃيندا آهن. پر اڪبر بادشاهه جي دور ۾ عوام سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين جو ذڪر ناهي. اِهو به جديد ڏاهي عرفان حبيب جهڙو تاريخدان آهي جنهن ٻڌايو ته اڪبر بادشاهه جي دور ۾ هارين جو جيترو بُرو حشر هو ان جو مثال ڳولڻ سان نٿو ملي سگهي. اِهو پسمنظر آهي جنهن ۾ دلي ڀٽي هارين جي بغاوت جي اڳواڻي ڪئي هئي. حڪمران طبقي جي تاريخدانن اڪبر بادشاهه کي هيرو ثابت ڪري ڇڏيو ۽ عوام دلي ڀٽي کي هيرو بڻائي ڇڏيو جنهن جون ساروڻيون اڄ به موجود آهن جنهن جي خاطر غريب عوام سهرا چون ٿا ۽ دلي ڀٽي جي متعلق فلمون پڻ ٺهنديون آهن.

 

انهيءَ پسمنظر ۾ پنجاب جي لوڪ تاريخ لکڻ لازمي آهي. ظاهر آهي ته عوامي پيڙهيون بدلجي ويئون آهن، ڌاريا مقامي ماڻهن سان گڏجي ويا آهن. ڪالهوڪي حڪمرانن سان اُهي ماڻهو بڻجي ويا. ان لاءِ ماڻهون بدلجي ويا. پر هاڻي سڀنيءَ ماڻهن جي گڏيل تاريخ پڻ آهي جنهن کي لکڻ جي ڪوشش اسين ڪندا سين.