{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > پنجاب جي لوڪ تاريخ: سنڌ وادي دور پهريون

پنجاب جي لوڪ تاريخ: سنڌ وادي دور پهريون

ڊاڪٽر منظور اعجاز
April 3rd, 2012

پنجاب جي لوڪ تاريخ ۾ سڀ کان پهريون دور سنڌ وادي جو معاشرو آهي. انهيءَ بابت ڪو به تحرير ناهي پر تحقيق ۾ هڙپه، موهن جو دڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي شهر ملن ٿا. هنن مان مشهور شهر موهن جو دڙو ۽ هڙپه ئي آهن. هنن مان جن شهرن جا نقشا ۽ ٻيون شئيون هٿ ڪيون ويئون آهن هنن مان ئي تڏهوڪي تاريخ جو اندازو لڳايو ويو آهي.

 

ٻنهيءَ شهرن ۾ روڊ رستن، نالين ۽ ٻين انتظامن مان واضع آهي ته ٻنهيءَ شهرن کي وڏي حڪمت عملي سان آباد ڪيو ويو. هنن شهرن ۾ وڏي گندين جي عمارتن جا اهڃاڻ پڻ آهن ۽ سوئمنگ پول پڻ آهن. پر هتي ڪنهن محل يا بلڊنگ جا اهڃاڻ ناهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ته هتي بادشاهي نظام هو. مختلف عمارتن مان واضع آهي ته هتي ڪو مذهبي تنظيم هئي جيڪا شهر جا سمورا بندوبست ڪندي هئي.

 

ڪنهن به معاشري ۾ شهرن جي اڏاوت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اُهو سماج ترقي پذير آهي. مثال طور شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو پنهنجي قبيلي يا برادري سان گڏ نٿا رهي سگهن. مختلف پسمنظر وارا ماڻهو هڪٻئي جا پاڙيسيري هوندا آهن. شهرن جو نظام برقرار رکڻ لاءِ سگهاري تنظيم هجڻ لازمي آهي. شهري نظام برقرار رکڻ لاءِ فوج يا پوليس جهڙي قوت لازمي آهي جيڪا شهر جي رنگين اصولن ۽ قانونن تي عمل ڪرائي سگهي، قانونن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کين سزا ڏيئي سگهي. شهر اڏڻ ۾ پيشه ور طبقن جي ڄمار پڻ لازمي آهي جيڪي خاص طور هنرمند هجن. معني خاص تربيت ۽ معلومات رکندڙ پيشه ور طبقن کانسواءِ شهر ۽ معاشري جو وجود ممڪن ناهي.

 

شهرن ۾ فصل ۽ پيداوار جو رواج ناهي جڏهن ته شهرن ۾ ٻاهريان کاڌ خوراڪ جو سامان گهرايو ويندو آهي. معني هڙپه ۽ موهن جو دڙو جهڙن شهرن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪندڙ ماڻهو موجود هئا. معني تڏهوڪي دور ۾ زرعي کاتي ۾ ترقي جي رفتار تيز هئي. هاري پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ شهرن جي گهرج پوري ڪرڻ خاطر واڌاري پيداوار حاصل ڪندا هوندا. معني شهرن کان ٻاهر به تڏهوڪي پنجاب ۾ کاڌ خوراڪ جهنگلن مان هٿ ڪرڻ بدران فصلن ذريعي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويندو هو.

 

غور طلب ڳالهه اِها آهي ته زراعت کان پهريان انسان جهنگل ۽ ٻيلن مان خوراڪ حاصل ڪندا هئا يا وري شڪار ڪري پيٽ پاليندا هئا. ساڳئي ريت کاڌ خوراڪ گڏ ڪندڙ ماڻهو طويل عرصي تائين هڪ هنڌ ڪونه رهندا هئا ۽ آجپي خاطر جوڙجڪ ڪندا هئا ڇو ته کاڌ خوراڪ ختم ٿيڻ بعد لڏپلاڻ ڪندا هئا.

 

کاڌ خوراڪ گڏ ڪندڙ ماڻهن کي وڏي ايراضي جي ضرورت هئي. مثال طور هڪ ايڪڙ ٻني ۾ پوکيل ڪڻڪ جيترن ماڻهن جي گذاري لاءِ استعمال ٿيندي هئي ان جي برابر خوراڪ گڏ ڪرڻ لاءِ جهنگل ۽ ٻيلن ۾ ڪيئين ميلن تائين سفر ڪرڻو پوندو هو. انڪري هارين ۽ جهنگلن ٻيلن مان خوراڪ گڏ ڪندڙن جي وچ ۾ فرق هو. هارين کي پيداوار حاصل ڪرڻ جا گر ايندا هئا انڪري جهنگلن ۽ ٻيلن مان خوراڪ گڏ ڪندڙ ماڻهو هارين کان هارائي ويا. پنجاب ۽ هندستان مان لٻاڻا کاڌ خوراڪ ميڙيندڙ ماڻهن جي نسل سان تعلق رکندا هئا. انڪري اُهي جائداد گڏ ڪرڻ بدران چوري ڪندا هئا.

 

سنڌ وادي جي شهرن جي اڏاوت سان واضع آهي ته ساڳئي دور ۾ پنجاب مان گهڻا ئي ماڻهو کاڌ خوراڪ گڏ ڪري زندگي گذارڻ واري منزل پار ڪري چُڪا هئا. اُهي هارپو ڪندا هئا ۽ واڌاري پيداوار شهرن تائين پهچائيندا هئا جنهن جو مطلب آهي ته هڪ واپاري طبقي جو وجود لازمي هو جيڪو ڳوٺن مان کاڌ خوراڪ خريد ڪري شهر کڻي اچي. ظاهري طور اُهي مالدار طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هوندا. هڙپه ۾ اهڙا گهر پڻ آهن جن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي واپاري طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو پڻ رهندا هئا.

 

اِها ڳالهه پڻ ثابت ٿي چُڪي آهي ته تڏهوڪي دور ۾ ڪاٺي جي هر ايجاد ٿي چُڪي هئي جيڪا ڏاند ذريعي استعمال ڪبي هئي. سوات ۾ تڏهوڪي دور ۾ استعمال ٿيندڙ هر جا اهڃاڻ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن جيڪا موجوده دور جي هر وانگر آهي. وري اسانکي پهرين ويد (رگ ويد) جيڪو پنجاب ۾ لکيو ويو مان خبر پوي ٿي ته درياهن ۽ فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ بند پڻ تيار ڪيا ويندا هئا. ان سان گڏ اِهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ٻاهريان ايندڙ چوپايو مال پاليندڙ قبيلن اُهي بند ٽوڙي ڇڏيا. هن ڳالهه مان مورخ (تاريخدان) اِهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته سنڌ وادي جي سماج جي بربادي اهڙا بند ٽٽڻ سبب ٿئي هوندي.

 

سنڌو ديش جا شهر درياهن ذريعي هڪٻئي سان واپار ڪندا هئا. تاريخ مان واضع آهي ته اُهي شهر شام ۽ عراق جي ميسوپوٽيما وادي جي شهرن سان پڻ واپار ڪندا هئا.

 

(هلندڙ)