کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > 13 مئي: 30 سال اڳ جڏهن صحافين کي ڪوڙا هنيا ويا

13 مئي: 30 سال اڳ جڏهن صحافين کي ڪوڙا هنيا ويا

وچار ڊيسڪ
May 13th, 2008

اڄ 13 مئي آهي ۽ پاڪستان ۾ صحافي 13 مئي جو ڏينهن آزادي صحافت جي ڏينهن طور تي ملهائيندا آهن ڇاڪاڻ ته 30 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن 13 مئي 1978ع تي هن دور جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، جنرل ضياء الحق جي خلاف صحافين سموري ملڪ ۾ آزادي صحافت جي هڪ تحريڪ جو آغاز ڪيو هو.

 

جنرل ضياء الحق ڪيترا ئي اخبار بند ڪرايا هئا. لاهور جي هڪ صحافي نعيم الحسن جي جاچ موجب 1978ع ۾ صحافين جي هن تحريڪ جي دوران گهٽ ۾ گهٽ چار سئو صحافي گرفتار ٿيا هئا. هن تحريڪ ۾ چار صحافين کي هڪ فوجي عدالت پاران 10 ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻُڌائي وئي هئي.

 

هنن صحافين ۾ خاور نعيم هاشمي پڻ آهي جنهن هن دور ۾ ڪوڙا کاڌا هئا. هن ڏينهن کي ياد ڪندي هن چيو آهي ته ”هو منهنجو جاکوڙ جو زمانو هيو، تڏهن آئون نئون نئون جنلزم ۾ شريڪ ٿيو هوس. ذوالفقار علي ڀٽو جي اخبار ”مساوات“ ۾ ڪم ڪندو هوس. مساوات سميت 30 کان وڌيڪ اخبارن تي بندش جي خلاف جيڪا پي ايف يو جي، تحريڪ هلائي هئي هن ۾ هڪ مجاهد هوس. آئون خوش نصيب آهيان ته مونکي منهنجي ٽن دوستن سميت ڪوڙن جي سزا ٻُڌائي وئي هئي.

 

جن 4 صحافين کي ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻُڌائي وئي هنن ۾ مسعود الله خان، ناصر زيدي، اقبال جعفري ۽ خاور نعيم هاشمي شامل هئا. هنن مان ٽن صحافين کي ڪوڙا هنيا ويا پر مسعود الله خان کي معزوري جي سبب ڊاڪٽر جي چوڻ تي ڪوڙا ڪونه هنيا ويا.

 

خاور نعيم هاشمي جو چوڻ آهي ته ”رات 8 وڳي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پاران اسانکي ڪوڙا هڻڻ جي سزا ٻُڌائي وئي ۽ 20 منٽن کانپوءِ ٻُڌايل سزا تي عمل ڪيو ويو. هو منظر اسانکي اڄ به سٺي نموني ياد آهي ته جڏهن اسانکي جيل ۾ هڪ ننڍي ڪمري مان گهرايو ويندو هو ۽ بالڪل اُگهاڙو ڪيو ويندو هو. ۽ توهان وٽ اُگهاڙو ٿيڻ کان علاوه ڪو ٻيو رستو موجود ڪونه هيو. هن مهل وردي پوش سپاهي هتي موجود هئا. اسانجا هٿ پير ٻڌا ويا هئا ۽ اسانجو تماشو ٿي رهيو هو.

 

هن ٻڌايو آهي ته ”اسين چار ساٿي هڪ ٻي جي بيوسي ڏسي رت جو ڍُڪُ ڀري رهيا هئا سين. اسان وٽ ڪو ٻيو رستو ڪونه هيو. پر ڪوڙا لڳڻ جي سزا ۽ ڪوڙا سهڻ اسانجو عزم هيو. اسانکي رڳو ڪپڙا لاهڻ مهل ندامت ٿي هئي. هو شرم جي ڪيفيت اسانجي شرمندگي جي ڪيفيت ڪونه هئي هو اسانجي جرات ۽ بهادري جي ڪيفيت هئي“.

 

هاشمي جو چوڻ آهي ته ٻه ماڻهون هڪ هڪ قدم کان ڊوڙيندي ڪوڙا هڻي رهيا هئا. ”اسين بالڪل به شرمنده ڪونه ٿيا سين بلڪ اسين چارئي هڪ ٻي جي اکين ۾ اکيون وجھي خاموشي سان فيصلو ڪيو هو ته اسين آمريت جي خلاف اُگهاڙو ٿيڻ لاءِ تيار آهيون، ڪوڙا سهڻ لاءِ به تيار آهيون.

 

هاشمي جو چوڻ آهي ته هن ڪوڙا کائڻ کانپوءِ اسٽريچر تي وڃڻ بدران پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏني هئي ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کين چيو هو ته جيڪڏهن اسين اسٽريچر تي ڪونه ويندا سين ته فوجي هنن کان سندن عهدو کسي وٺندا. نيٺ هاشمي چيو هو ته صحافي جٿي 30 سال اڳ ۾ بيٺا هئا اڄ به ساڳئي هنڌ بيٺل آهن ۽ هنن جي قربانين جو ميوو انڊسٽري جا مالڪ کائي رهيا آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com