کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > آئن سٽائن: يهودي رب جا خاص ماڻهون ناهن

آئن سٽائن: يهودي رب جا خاص ماڻهون ناهن

وچار ڊيسڪ
May 13th, 2008

شئين جي نيلامي ڪرائيندڙ ماڻهون ٻڌايو آهي ته هن هفتي لنڊن ۾ البرٽ آئين سٽائن جي هڪ خط جي نيلامي ٿيندي جنهن ۾ هن رب تي يقين رکڻ کي ٻارن جو وهم ڄاڻايو ويو آهي ته يهودي رب جا چونڊيل ماڻهون ڪونه هئا.

 

آئن سٽائن نظريه ضرورت جو جد امجد مڃيو ويندو آهي. هن کان اڳ سندس مذهبي خيالن جي باري جانڪاري تي ڏاڍي بحث ڪئي ويندي هئي. هن اها ڳالهه 1954ع ۾ هڪ فلاسفر جي ڳالهه جي جواب ڏيندي ڪئي هئي.

 

آئن سٽائن پاڻ به يهودي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته کيس يهودي ماڻهن سان پيار آهي پر هن اهو پڻ چيو آهي ته کيس يهودين ۾ دنيا جي باقي ماڻهن کان وڌيڪ ڪا خاص ڳالهه نظر ڪونه ايندي آهي. سندس چوڻ آهي ته ”منهنجي لاءِ رب جو لفظ هڪ اظهار جو وسيلو ۽ ماڻهون جي ڪمزوري کان علاوه ڪجهه به ناهي. بائيبل هڪ باعزت ڪتاب آهي پر هن ۾ بيشتر ڳالهيون ٻاراڻيون آهن.“

 

هن خط ۾ آئن سٽائن لکندو آهي ته ”منهنجي لاءِ يهودي مذهب ٻارن جي غلط فهمي واري حياتي جهڙو ئي آهي ۽ يهودي ماڻهون جنهن سان منهنجو تعلق آهي هنن ۾ دنيا جي ٻين ماڻهن کان خاص ڳالهه ناهي“.

 

هن کان اڳ آئن سٽائن جي هن ڳالهه تي به بحث ٿي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته ”سائنس مذهب کان علاوه منڊو آهي ۽ مذهب سائنس کانسواءِ انڌو آهي“.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com