کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > ڪاما گاٽامارو جو الميو

ڪاما گاٽامارو جو الميو

پروفيسر گروندر سنگهه ڌاليوال
May 23rd, 2008

20 صدي ۾ ڀارت ۽ ڪئناڊا جي الاهي ملڪن وانگر برٽش سامراج جون بستيون هيون. هو وقت نسل وادي پاليسين ۽ ڪاري قانون جو دور هو، جڏهن انگريز سرڪار ڀارت واسين سان غير انساني سلوڪ ڪندي هئي، سندن ادارن ۾ ڀارت واسين کي ”ڀارتين ۽ ڪُتن لاءِ داخل ٿيڻ منع آهي“ جي بدنيتي اپنائي ذليل ڪندي رهي.

 

انگلينڊ جي بستي ڪئناڊا ۾ هن وقت ئي 23 مئي 1914ع تي وينڪوور جي ٻيٽ تي بچيل جاپاني جهاز ڪاما گاٽامارو جي ڀارتي مسافرن سان 2 مهينن تائين جانورن کان به بدترين رويو رکيو. گرمي ۾ مسافرن کي سمڊ ۾ ئي بند رکيو ويو ۽ نيٺ 23 جولاءِ تي ڪاري قانون هيٺ ڪاما گاٽامارو کي ڪئناڊا جي پاڻي مان ڪڍيو ويو.

 

ڪئناڊا جي تاريخ جو اهو سياهه ڏينهن هو جڏهن هڪ پاسي برٽش ڪئناڊا جي نيوي جي جنگي سمڊي ٻيڙي رين بوڪاما گاٽامارو بنام گورو نانڪ جهاز جي مسافرن کي ڊيڄاريندو رهيو هو، ٻي پاسي جهاز تي سوار شانت مسافر، پيٽ تي سارنگي جي سنگيت جي ڌُن ۽ ديسي ڀگتي جا راگ ڳائي سمڊ جون ڇوليون شانت ڪري رهيا هئا. ڪئناڊا جي تاريخ جو سڀ کان بدترين ڪم ڏسندڙ هزارين اکيون، برطانوي سامراج تي لعنتاڻو ڪري رهيون هيون.

 

21 صدي جي آغاز ۾ ڪئناڊا جي تاريخ ۾ سنهري باب رقم ٿيو، جڏهن هاڻوڪي آزاد ڪئناڊا جون قدر ۽ قيمتون ڏسي هتان جي پارليامينٽ ۾ ڪاما گاٽامارو جي الميئي لاءِ اڪثريت ڙاءِ سان معافي جي ايجنڊا پاس ڪئي آهي. ”دير آئي درست آئي چوڻي وانگر 94 سالن کانپوءِ صحيح، ڪئناڊا، برٽش سامراج دور جو داغ ڌوئڻ لاءِ تاريخي قدم کنيو آهي، جنهن جي تعريف ڪرڻ گهرجي.

 

ڪئناڊا جي پارليامينٽ ۾ معافي کانپوءِ غلطي سان وزير ائظم ڪئناڊا سرڪار سميت الاهي صوبن پاران به تاريخي الميئي لاءِ معافي گهرڻ جي اُميد آهي. دراصل معافي جو فائدو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن رنگ، نسل ۽ ديسي سطح تي عمل ڪيو وڃي، اميگريشن پاليسين ۾ ڀڃ ڊاهه نه ٿي، برزگن جي پينشن سميت سموري سهولتن ۾ فرق نه رکيو وڃي ۽ ڪنهن به روپ ۾، ڪنهن به قوم سان ڪاما گاٽامارو ورجايو نه وڃي. هنن ڳالهين ۾ ئي ڪئناڊا جي قدر ڪاميابي ماڻيندي.

 

ٻي پاسي ڪاما گاٽامارو وارو الميو جنهن جي تاريخ ۾ جيڪو ٻيو قصو آهي هن جو تعلق ڀارت سان آهي. 23 جولاءِ 1914ع تي وينڪوور جي ٻيٽ کان موٽڻ کانپوءِ، سمنڊي ٻيڙو 29 ستمبر 1914ع تي غلام ڀارت ڪلڪته شهر کان 17 ميل جي مفاصلي تي بج بج ٻيٽ تي پهتو.

 

تاريخ هن ڳالهه جي شاهد آهي ته جيڪو ڪجهه جهاز جي مسافرن سان ڀارت ۾ ٿيو، هو ڪئناڊا ۾ ٿيل ڪني ورتاء کان وڌيڪ ڀيانڪ ۽ اذيت ناڪ هيو. ڪلڪته پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهريان ته سموري مسافرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هنن جي تلاشي ورتي وئي ۽ بعد ۾ زبردستي ريل گاڏي ۾ ويهاري پنجاب وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو.

 

ڪئناڊا کان موٽي آيل هنن مسافرن کي انگلو انڊين آفيسر هاپڪنس ۽ بيلا سنگهه جهڙي غدارن جي خفيه رپورٽن جي بُنياد تي باغي قرار ڏنو ويو. هن دوران بابا گردت سنگهه سميت الاهي مسافرن ڪيترن ئي مهينن تائين برباد ٿيل وقت لاءِ معاوضو وٺڻ لاءِ جهاز ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪنهن نتيجي تي پهچي بنا هو پنجاب ڪونه ويندا. سرڪاري ڌڪا شاهي ۽ دباءُ هيٺ رڳو 42 مسافر ئي پنجاب وڃڻ لاءِ تيار ٿيا، جڏهن ته ٻين مسافرن سرڪاري ظلم جي خلاف ناراضگي جو اظهار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

 

هن مقصد لاءِ هنن جهاز ۾ جاکوڙ ڪندڙ سري گورو گرنٿ صاحب کي ادب سان ڪلهن تي کنيو ۽ سمورا مسافر ڪجهه پڙهندي ڪلڪته شهر ڏانهن موٽي ويا. هن موقعي تي پرامن جلوس کي روڪڻ ۽ بابا گردت سنگهه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪلڪته جي پوليس سپرنٽنڊنٽ جارج ايسٽوڊ 30 سپاهيي وٺي آيو.

 

اهو ڏسي ڪري ناراضگي جو اظها رڪندڙ ماڻهن بابا گردت سنگهه کي پوليس کان بچائڻ لاءِ سپاهين جو گهيرائو ڪيو. گھٻرايل سپاهين گورو گرنٿ صاحب جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ پرامن جلوس تي گوليون هلايون. ڏسندي ئي ڏسندي هر پاسي رت ئي رت پکڙجي ويو. تاريخ دانن موجب ڪاما گاٽامارو جي مسافرن لاءِ 29 ستمبر خوني باب وارو اذيت ناڪ ڏينهن هو، جڏهن 19 ماڻهن کي گولين سان پروڻيو ويو، جڏهن ته بيشمار ماڻهون زخمي ٿيا هئا.

 

بابا گردت سنگهه سندس آتم ڪٿا ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ ڊبل ٻڌايو هو ۽ مارجي ويل ماڻهن ۾ عام واهٽڙو ۽ سرڪاري اهلڪار پڻ شامل هئا. هن واقعي کانپوءِ جيئن بج بج گهاٽ فوجي ڇانوڻي بڻجي ويو ۽ سوين مسافرن کي باغي ۽ دهشتگرد قرار ڏئي عليگڙهه جيل موڪليو ويو. هن دوران بابا گردت سنگهه سميت 28 مسافت پوليس گھيرائو کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ 7 سالن تائين روپوش رهڻ کانپوءِ 1921ع ۾ گرفتار ٿيا. طويل سزائون سهڻ کانپوءِ ڪاما گاٽامارو جا مسافر سندن گهرن ڏانهن موٽيا ۽ تاريخي کوج موجب مارجي ويل ماڻهن کان علاوه 20 مسافرن جي باري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به خبر ناهي.

 

ڪئناڊا جي سرڪار ڪاما گاٽامارو باري يادگار تعمير ڪرائڻ لاءِ 25 لک ڊالر (10 ڪروڙ رپيا) خرچ ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڀارت سرڪار کي به هنن مسافرن جي ياد ۾ ننڍي يادگار کان علاوه ڪو تاريخي يادگار ٺاهڻ گهرجي. بج بج گهاٽ تي ٺهيل يادگار صاحب سکن پاران ضرور تعمير ڪرايو ويو آهي. پر اڄ به هن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهرجي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com