کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > تاريخي صفحو > لاهور جو سپوٽ..... ديال سنگهه مجيٺيا

لاهور جو سپوٽ..... ديال سنگهه مجيٺيا

ڪاشف بخاري
May 24th, 2008

رنجوڌر سنگهه مجيٺيا ۽ اجيت سنگهه لاڙوه پهلور کان ستلج پار ڪيو. پنجابي فوج جي 8000 سپاهين جي ڪمانڊنگ ڪندي هنن هڪڙي ئي حملي ۾ فتح گڙهه، ڌرم ڪوٽ ۽ بدووال کي دشمن فوج جي قبضي کان آزاد ڪرايو ۽ لُڌيانا جي ٻاهر قيام ڪيو. سر پيري سمٿ کي لڌياني مدد لاءِ موڪليو ويو ته رنجوڌر سنگهه بدووال جي ويجهو هڪ حملي ۾ انگريز لشڪر تي پوئيان حملو ڪري رسد جي سامان تي قبضو ڪيو.

 

سر پيري سمٿ رنجوڌر سنگهه جي جنگي نيت جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته ”هي هڪ شاندار سائنسي جنگي حڪمت عملي هئي“. هن بيان ڪيو آهي ته جيڪڏهن رنجوڌر سنگهه پنهنجي فرانسيسي اُستادن جي سيکاريل جنگي طريقن جي مطابق پنهنجي بنيادي ڪاميابي تي ڳُجها حملا جاري رکي ها ته هو لڌياني جي ويجهو موجود سموري فوج کي تباهه ڪري سگهندو هو.

 

هي 21 جنوري 1846ع انگريز پنجاب جنگ بدران بدووال جو سانحو آهي. جنهن کي ليفٽيننٽ جنرل سر هنري سمٿ پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي نمبر 187،186 تي تفصيل سان درج ڪيو آهي. رنجوڌر سنگهه شير گل جٽ خاندان سان تعلق رکندو هو. سسندس خاندان جي هڪ مجاهد سردار لهنا سنگهه مجيٺيا جي گهر ۾ 1849ع تي ڪاشي (بنارس) ۾ سردار ديال سنگهه مجيٺيا ڄائو هو. 1832ع ۾ سردار لهنا سنگهه امرتسر جو گورنر مقرر ٿيو ۽ کيس دليري جي ڪارنامن جي سبب مهاراجه جي دربار کان حسن الدوله جو خطاب مليو.

 

درباري سازشن جي ور چڙهي ڪري لهنا سنگهه بنارس کان لڏپلاڻ ڪيو ۽ 1854ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پيءُ جي وفات مهل 6 سالن جو ديال سنگهه جيڪو سندس ماءُ پيءُ جي واحد اولاد هئي، سندس ڳوٺ مجيٺيا آيو جٿي سندس پيءُ جي لاهور دربار کان مليل ملڪيت هئي. اها ملڪيت پهريان سردار تاج سنگهه جي نگراني هيٺ ڏني وئي ۽ 1870 ۾ ديال سنگهه جي حوالي ڪئي وئي. سندس پيءُ جي وصيت جي مطابق ديال سنگهه، مشن چرچ اسڪول امرتسر ۾ داخل ٿيو. ڀگوان ڪور سندس ذال هئي پر هو اولاد کان محروم رهيا.

 

دلي برباد ٿيڻ کانپوءِ لاهور ئي اُتر هندستان جي تهذيب جو گڙهه هو. اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ديال سنگهه لاهور آيو ۽ جلدي هتان جي تهذيبي سرگرمين ۽ معاشي وهڪري ۾ شامل ٿي ويو. 1876ع ۾ هو اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برطانيا ويو. ٻن سالن کانپوءِ واپسي تي ايمپرس روڊ تي آباد ٿيو ۽ راجه رام موهن راءِ جي رهمو سماج لهر جو حصو بڻجي ويو.

 

لاهور جي سماجي ۽ تعليمي زندگي ۾ انهيءَ دور ۾ جنهن هستين جو نالو هو هنن ۾ سر پراتل چندر چيٽرجي، چندر ناٿ بوس (رجسٽر پنجاب يونيورسٽي)، نوين چند راءِ (پنجاب برهمو سماج جو اڳواڻ) ۽ ڪلڪته يونيورسٽي کان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪندڙ پهريون پنجابي راءِ بهادر مول راج هيو. اهي سڀ ديال سنگهه جا ويجها دوست ۽ سندس محفل جا ساٿي هئا. لاهور جي زرخيز زمين کان ديال سنگهه جي ادبي ۽ علمي صلاحيتون اُجاگر ٿيون. هن نه رڳو شاعري ڪئي بلڪ فلسفو ۽ الاهي مضمون پڻ لکيا. راجه رام موهن جي تحرير جو ترجمو به سندس هڪ وڏو ڪارمانو آهي.

 

ديال سنگهه بيشڪ 19 صدي ۾ پنجاب جو هڪ مهان سپوٽ هيو. سندس شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو هئا. بلاشبه هو هڪ ويڙهاڪ جٽ خاندان جو چراغ هو. 1845، کانپوءِ پنجابين ۽ انگريزن جي درميان جنگ ايتري وڌي جنهن جا اثر طويل عرصي تائين پنجاب جي سماجي زندگي ۾ رهيا.

 

پر ديال سنگهه جي ڏاهپ تي حيرت ٿيندي آهي ته هُن انهيءَ مهل جڏهن ته پنجاب ۾ انگريز مخالف جنگ ختم ڪونه ٿي هئي هن مهل نه رڳو جاکوڙ جاري ڪئي بلڪ ڪجهه مقصد پورا ڪرڻ لاءِ عملي طور تي جاکوڙ ڪندا رهيا. يورپ ۽ برطانيا جي سفر هن ۾ نظام ۽ اهڙي خيالات جو ٻوٽو پوکيو جيئن هو سندس جوڙيدارن جي ڀيٽ روشن خيالي تي نظر رکڻ وارو بڻجي ويو.

 

کيس يقين هو ته هاڻ هندستان ۽ خاص طور تي پنجاب جو فائدو ويڙهه ۾ نه بلڪ پرامن سياست ۾ آهي جنهن جي بُنياد خاص، جديد تعليم ۽ روشن خيالي تي هوندي. برطانيه کان تعليم حاصل ڪري آيل ديال سنگهه جي ملاقات هڪ مهان بنگالي سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ انڊين ايسوسي ايشن جي باني سر سريندر ناٿ بينر جي سان ٿي. 8 جون 1877ع تي جڏهن بينرجي امرتسر ۾ ايسوسي ايشن جي ميٽنگ لاءِ آيو ته ديال سنگهه، جيڪو هن ميٽنگ ۾ ميزبان هو هن سان دوستي گهري ٿي وئي.

 

بعد ۾ ديال سنگهه لاهور ۾ ايسوسي ايشن جي شاخ جو صدر مقرر ٿيو ۽ سندس مالي امداد ٿيندي رهي. سردار ديال سنگهه اولهه جي تعليم ۽ آزادي صحافت جو مداح هو. 2 فيبروري 1881ع ۾ هن لاهور کان هفتيوار ٽريبون جاري ڪيو جيڪو 1896ع ۾ هفتي ۾ ٽي ڀيرا ۽ 1906ع ۾ روزنامو بڻجي ويو. ديال سنگهه پنجابي نوجوانن جي هن لهر جو ليڊر هو جنهن پنجاب يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڪم ڪيو. نيٺ هن 1882 ۾ اها جنگ فتح ڪئي جڏهن ڪلڪته مدراس ۽ بمبمي وانگر پنجاب يونيورسٽي جو قيام ٿيو.

 

سياسي ميدان ۾ به سردار ديال سنگهه جون خدمتون قابل تعريف آهن. هن بيسنٽ جي مطابق سندس شمار 17 صديق ۽ بهترين ماڻهن ۾ ٿيندو هو جنهن جي هٿان انڊين نيشنل ڪانگريس جي بُنياد وڌي وئي. ايني بيسنٽ سندس ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙي حقيقت بيان ڪئي آهي ته جنهن جي عام طور تي عوام کي خبر ڪونه هئي. هن لکيو آهي ته هندستان جي بُنياد تي هڪ تنظيم جو بُنياد وجھڻ وارو مسئلو بنيادي طور تي ٿيوسوفيڪل سوسائٽي آف انڊيا جي 1884ع جي ساليانو اجلاس ۾ بحث هيٺ آيو.

 

اهو اجلاس ڊسمبر 1884ع تي چينائي جي هنڌ تي ٿيو. مقامي تنظيمن کان علاوه سموري هندستان کان جيڪي 17 وفد هن اجلاس ۾ شامل ٿيا هنن ۾ هن مهل جا مشهور دانشور ۽ عالم شامل هئا. جيئن سريندر ناٿ بينر جي، دادا جي نرورجي، سبرامينيم ايئر، آنند موهن بوس، پي نائيڊو، آنند چارلو، نير ندرسين، وي اينڊ مينڊالڪ، ڪي ٽي تيلانگ، سي وجي، چاروچندر متر ۽ سردار ديال سنگهه.

 

هن اجلاس کانپوءِ 1885ع ۾ بمبئي ۾ ٿيندڙ ڪانگريس جي پهرين اجلاس ۾ ديال سنگهه شامل ڪونه ٿي سگهيو پر هن سندس اخبار ٽيريبيون جي ايڊيٽر بپن چنر پال صاحب کي موڪليو. ڪانگريس جي چوٿين سيشن ۾ اله آباد ۾ جارج پول جو نالو بطور صدر تجويز ڪيو ويو ته ديال سنگهه هن جي تائيد ڪئي هئي. هن کانپوءِ 1893ع ۾ ڪانگريس جو اجلاس ديال سنگهه جي يعوت تي لاهور ۾ طئي ڪيو ويو ۽ ديال سنگهه استقباليه ڪاميٽي جو صدر چونڊيو ويو.

 

لاهور جو اهو اجلاس ديال سنگهه جي انتظامي سلوڪ جو نمونو هو. لاهور ۾ سندس ملڪيت ۽ گهر هئا جيڪي سندس مهمانن لاءِ هر مهل کليل هئا. سريندر ناٿ بينر جي سميت ڪيترن ئي اهم اڳواڻن پنهنجون تقريرون ٽريبيون جي آفيس ۾ تيار ڪيون.

 

سردار ديال سنگهه هڪ ڪامياب واپاري هو ۽ سندس ملڪيت ۽ ڳهن جي ڪاروبار جي سبب هو تمام گهڻو مشهور هو. سندس ملڪيت جو وڏو حصو هن فلاحي ۽ تعليمي ڪمن تي خرچ ڪيو. هو هڪ اهڙي زرخيز ذهن جو مالڪ هو جيڪو هر مهل نوان ويچار تخليق ڪندو هو. سندس شاندار صلاحيت ۽ دانشمندي ويچارن جي سبب اهڙي قوتن جي نشاندهي ڪندا هئا جن مستقبل ۾ هڪ لهر جو روپ اختيار ڪيو هو. 1895ع ۾ ديال سنگهه انگريزي ٻولي ۾ نيشنلزم جي موضوع تي هڪ ڪتاب لکي. جنهن ۾ هن قوم پرستي ۽ هندستان جي ماضي تي بحث ڪئي. اها ڪتاب ڪانگريسي ممبرن ۾ ورهائي وئي ۽ هن جي ڏاڍي تعريف ڪئي وئي.

 

سردار صاحب جي سياسي ويچارن ۽ نظريي کي بيان ڪرڻ ڏاڍو اڻائو آهي ڇاڪاڻ ته هو مشهور سياستدان ڪونه هو. کيس سياسي نظريي يا نعري سان مخصوص نٿو ڪري سگهجي. سندس حياتي جي وڏي دلچسپي اصلاح ۽ روشن خيالي هئي. هو سياست تي تمام گهٽ ڌيان ڏيندا هئا. معني ديال سنگهه روشن خيال اصولن جي هيٺ فلاحي پروگرامن کي نمايان ۽ سياست کي هن جي هيٺ رکڻ جو قائل هو. سندس اخبار ذريعي هن ناانصافي جي خلاف لاڳيتو جاکوڙ ڪئي. لاهور جا رهواسي عام طور تي لاهور جي هن مهان سپوٽ جي باري هڪ ڪالج، هڪ لائبريري ۽ لاهور جي اهم روڊ تي واقع هڪ عمارت کان ڪجهه وڌيڪ ڪونه ڄاڻيندا آهن.

 

سندس جاکوڙ جو نتيجو ديال سنگهه ڪاليج وقت گذرڻ کانپوءِ تباهي جو شڪار رهيو ۽ ڪيتري عرصي کان هو تعليم کان وڌيڪ پنهنجي شاگردن جي غنڊه گردي ۽ غير قانوني ڪمن جي سبب مشهور آهي. ديال سنگهه لائبريري جي خراب حالت ۾ ڪجهه ترقي ٿي آهي ۽ ديال سنگهه مينشن جيڪو ديال سنگهه ٽرسٽ جي ملڪيت آهي ۽ لاڳيتو ڪيسز جو شڪار آهي.

 

هن ٽرسٽ جي ملڪيت ۽ قابض مفاد پرستن ۾ لاهور جا سياسي، سماجي اشرافيه جا مشهور خاندان شامل آهن جيڪي هن مهل به هن لائبريري تي قابض آهن. هر مهيني تمام گهٽ مسواڙ تي حاصل ڪيل ملڪيت کي لکين ڪروڙين رپين جي مُلهه تي منتقل ڪرڻ ۾ محمڪو متروڪه اوقاف املاڪ هنن جي ساڄي ٻانهن آهي. اهي نام نهاد مسواڙي نظام الڳ الڳ حڪومتن لاءِ سياسي رشوت جو سولو انتظام آهي. لاهور کان علاوه دهلي ۽ ڪرنال ۾ به ديال سنگهه لائبريريون ۽ ڪاليج تعمير ڪرايا هئا.

 

9 ڊسمبر 1898 تي لاهور جو اهو مهان سپوٽ لاڏاڻو ڪري ويو.

 

عوامي جمهوري فورم جي ٿورن سان

 


 

 

Powered by: PHPCow.com