نذير عباسي کاٻي ڌر جي شاگردن جو مشهور سورهيو اڳواڻ هيو ۽ ضياء الحق جي فاشي آءِ ايس آءِ جي تڏهوڪي ڪرنل (بعد ۾ برگيڊيئر) امتياز عرف ”برگيڊيئر بلا“ ۽ سندس فاشي ٽولي جي هٿان تشدد دوران قتل ٿيو. بينظير ڀٽو جي گذريل حڪومت جي مختصر سُٺي ڪمن ۾ هڪ سُٺو ڪم اهو به شامل هيو ته ڀلي هن پنهنجي سياسي مفاد لاءِ ئي سهي نه رڳو برگيڊيئر امتيار جي هٿن ۾ هٿڪڙي وجھرائي بلڪ نذير عباسي جي قتل جو ڪيس به جنرل نصير بابر جي حڪم تي سنڌ پوليس تي داخل ڪرايو پر اڃان تائين ”سيل“ ٿيل آهي.
(جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي حڪومت بينظير ڀٽو جا واعده پاڙڻ چاهي ٿي ته نذير عباسي جي قاتلن کي ڪنهن انجام تائين ضرور پهچائي ها ۽ مونکي اعتبار ناهي ته هاڻوڪي سرڪار جيڪڏهن اهو ڪم ڪرڻ باري سوچندي تڏهن ئي نواز شريف دانهون ڪرڻ شروع ڪندو يا وري جنرل اشفاق پرويز ڪياني يا مشرف جا پيغام ايندا!.
نذير عباسي تي ڇا ڪنهن ڪُڪڙ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ برگيڊيئر امتيار يا ڪنهن ٻي فوجي يا ضيائي فاشي حڪومت جي ڪارڪن تي آڱر به نه کنئي وئي.
اهڙا ڏينهن به هئا جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت سندس مخالف شاگرد تنظيمن ۽ سنگتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ماءُ ڀِيڻ هڪ ڪري ڇڏي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي پوليس ۽ ايجنسين جي ماڻهن (جنهن ۾ الاهي ماڻهون جماعت اسلامي جا هوندا هئا. ۽ اخبارن ۾ به ساڳئي مخلوق هئي) شاگرد تنظيم جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڪونه ملي سگهيا ۽ سندن ماءُ، پيءَ ڀيڻ ڀائرن کي به جيل ۾ قيد ڪيو ويو هوندو.
جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل هاسٽل مٿان پوليس ڇاپو هنيو ته هُن مهل نذير عباسي هاسٽل جي باغ جي مالي جي وردي مٽائي پوليس کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر سندس ماءُ پيءُ، ڀائر، ڀيڻ ۽ ڀيڻويو ٽنڏو اله يار ۾ قيد هئا. نذير عباسي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن يا ايس اين ايس ايف جو صدر هيو.
سدائين پوليس کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته سندس ساٿي چوندا هئا ته نذير جي تحريڪ ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ ”ڪامريڊ يوجي“ (انڊر گرائونڊ) ٿي ويو هو. نذير کي ڪاروائي ڪرائڻ، فرار ٿيڻ يا قيد ٿيڻ جو تمام گهڻو شوق ۽ تجربو هوندو هو. هو فرار ٿيندڙن کي ”غازي“ چوندو هو. نذير جون شئيون، ماڻهن ۽ دنيا لاءِ سنڌي زبان ۾ هڪ منفرد ڊڪٽيشن هئي. چوندو هو ته آئون اڃان تائين غازي آهيان. اسين هڪ ٻي سان دوستي ڪرڻ ۾ دير ڪونه ڪئي، ۽ اسانجو هڪ ٻي سان پيار تمام وڌي ويو.
نذير عباسي حقيقت ۾ انقلابي نالن، شاعري ۽ حقيقت ۾ ماڻهن جي ڏُکن ۾ سندن مددگار ثابت ٿيندو هو، نذير عباسي سڀنيءَ جي دردن جو درمان ثابت ٿيندو هو، دراصل نذير عباسي هڪ سيڪسيوئل ماڻهون هيو جيڪو انقلاب جو عاشق ۽ انقلاب سان پرڻايل هيو. جيڪڏهن توهان هڪ مُٺ هڻڻ جي خواهش تي ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا ته پوءِ توهان ٽارچر سيل بريڪ نٿا ٿي سگهو“ هو اڪثر اها ڳالهه چوندو هو. سندس آواز تمام سُريلي هئي ۽ کيس ڳائڻ جو حد کان وڌيڪ شوق هيو. توڙي جيل هجي يا ريل ۾ هو ڳائڻ کان ڪڏهن به نه مُڙندو هو. ”ديک تيري سنسار ڪي حالت ڪيا هوگئي ڀگوان، ڪتنا بدل گيا انسان“ يا ”تن هندو بني گا نه مسلمان بني گا“ رفيع کي رفيع کان سٺو لڳندو هو. اڪثر هو سنڌي لوڪ فنڪار ڍولڻ فقير جهڙي آواز ۾ ڳائيندو هو.
1978ع ۾ نذير عباسي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ ايف آءِ يو (فيلڊ انٽيليجنس يونٽ) جي ڪئمپ ۾ قيد ڪيو ويو پر نذير هتي به ڳائڻ کان نه مُڙندو هو. سندس آواز کان سندس سيل تي پهرو ڏيندڙ اردلي پڻ متاثر ٿيندا هئا ۽ اُهي فرمائش ڪندا هئا ته ”سر جي روضي دي جالي چُم ليئي سُنائو نه!“ پر اها ته نذير عباسي جي قيد ٿيڻ کان الاهي ڏينهن پراڻي ڳالهه آهي. هن سان گڏ گرفتار ٿيل سندس دوست فيض سومرو، شاڪر شاهه، مولچند ۽ گهنشيام ديپڪ ٻڌائن ٿا ته نذير عباسي ۽ کائنس تفتيش ڪندڙ آفيسرن ۾ ڏاڍو مقابلو ٿيندو هو.
هنن سڀنيءَ کي ضياء الحق ۽ سندس مارشل لا جي خلاف پمفلٽ لکڻ، ڇاپڻ ۽ ورهائيندي گرفتار ڪيو ويو هو. ۽ اُهي سڀئي ٽين ايجرز هئا ۽ نذير عباسي ٽارچر سيل ۽ چوندو هو ته هنن غريبن ڪجهه ناهي ڪيو، توهان مونکان پڇو، آئون ئي سڀ ڪجهه ڪندو آهيان. نذير حد کان الاهي تشدد برداشت ڪيو هو. الاهي اذيتون برداشت ڪيون هيون.
ڀٽو دور جي آخر ۾ نذير عباسي کي تڏهن گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو سندس ويجهي دوست سهيل سانگي جي گهر ملاقات ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ پاڙي جي دُڪان تي سهيل جي ٻارن کي شئي وٺي ڏئي رهيو هو جتي پوليس وارن کيس گرفتار ڪيو هو. نذير عباسي، ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو ضياء هٿان اونڌو ٿيڻ تائين بدنام زمانه ڊيفينس آف پاڪستان رولز (ڊي پي آر) ۾ حيدر آباد، ڪراچي ۽ سکر جيلن ۾ قيد رهيو ۽ ساٿي سياسي توڙي عام قيدي ۽ جيل جو عملو به کائنس متاثر هيو.
سنڌي اديب ۽ رسالي ”سهڻي“ جو ايڊيٽر طارق اشرف، جيڪو ڀٽو دور ۾ صرف سندس ايڊيٽوريل لکڻ سبب ٻاويهه مهينن تائين قيد هيو سندس ڪتاب ”ٻاويهه مهينا جيل ۾“ پڻ لکيو آهي ته سندس ٻاويهه مهينا جيل ۾ نذير عباسي جهڙو بيخوف، سورهيو قيدي ۽ انسان ڪڏهن نه ڏٺو هو.
هڪ دفعو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جيڪا هن دور ۾ سنڌ جي اسلامي جمعيت طلبه هئي) جي ساليانو ڪنونشن ۾ حفيظ قريشي تقرير ڪري رهيو هو ۽ نذير عباسي سندس ڳالهه تي اختلاف ڪيو جنهن کانپوءِ جلسي ۾ موجود سمورا جيئي سنڌ جا پهلوان نذير عباسي تي ڪاهه ڪيو ۽ کيس ماريندا رهيا.
ولي خان جي جيل وڃڻ کانپوءِ سندس پارٽي نعپ تي بندش کانپوءِ سموري اپوزيشن پارٽين جو لاهور ۾ جڏهن يو ڊي ايف يا يونائيٽد ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جو ڪنونشن ٿيو هو ته نذير عباسي اسلامي نظام جو مطالبو ڪرڻ بدران پاڪستان کي سيڪيولر ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن کانپوءِ خاڪسار تحريڪ جي رضاڪارن بيلچن سان وار ڪري نذير عباسي جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو هو.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو سان پي اين اي جي تحريڪ گهٽ وڌ ڳالهايو ته هُن سندس حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ قيد سنڌي قومپرستن ۽ سنڌي سياسي قيدين کي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ گهرايو ۽ هنن کي پنهنجي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو هو. هنن قيدين ۾ نذير عباسي به موجود هيو. نذير عباسي ضياء الحق جي مارشل لا نافذ ڪرڻ کانپوءِ باقي سياستي قيدين جي آزادي سان جيل کان ٻاهر آيو ڇاڪاڻ ته ضياء ڀٽو جو ڊيفينس آف پاڪستان رولز ختم ڪري ڇڏيو هو.
نذير عباسي جيل کان رها ٿيڻ کانپوءِ مارشل لا جي خاتمي لاءِ شاگردن، مزارعن ۽ پورهيت جي تحريڪ شروع ڪئي. صوبي سرحد يا پختون خواه جي دهشت نگر ۾ هارين جي خلاف آپريشن هجي يا بلوچستان جي پٽ فيڊر ۾ هارين جي حمايت ۾ هتان جي بزگر ڪاميٽي وارن جي بُک هڙتال يا ڪالوني ٽيڪسٽائل ملز ملتان جي مزدورن تي ضياء حڪومت جو گولي هلائڻ جو حڪم جنهن جي تحت هڪ سئو کان وڌيڪ هاري مري ويا هئا. اها تمام عجيب ڳالهه آهي ته هن ڪالوني ٽيڪسٽائل مل جو اڪيلو مالڪ شيخ نصير هيو جيڪو لاهور جي وڏي دانشورن جو ويجھو دوست سڏائيندو آهي.
نذير عباسي سندس شاگردن جي تنظيم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن کي پاڪستان ليول جي شاگرد تنظيمن سان ملائڻ ۽ متحد ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ آخر هن سموري ملڪ جو دورو ڪري پاڪستان فيڊل يونين آف اسٽوڊنٽ ٺاهي. شايد اهو ئي نذير عباسي جو سڀ کان وڏو ڏوهه هيو جنهن کانپوءِ ضياء حڪومت کيس گرفتار ڪيو.
پهريان ته هو الاهي ٽارچر سيلز کان بچي ويو هو پر هاڻي جنرل ضياء سنڌ ۾ ڪرنل امتياز کي آءِ ايس جو انچارج مقرر ڪيو هو. نذير عباسي نارٿ ناظم آباد جي هڪ گهر مان تڏهن فوجي ايجنسين جي ماڻهن جي ور چڙهيو هو جڏهن هو سندس دوستن سان ملڻ ويو هو. اُهي (فوجي جاسوس) پهريان هن گهر ۾ موجود هئا. شبير شر، احمد ڪمال وارثي ۽ نذير عباسي جي ذال حميده گهانگهرو پهريان کان ئي گرفتار ٿيل هئا. حميده گهانگهرو هتي سندس ڌيءُ زرقا سان پهتي هئي ۽ گرفتاري جي وقت هن جاسوسن کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ته هو نوڪراڻي آهي ۽ هن گهر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آئي هئي.
نذير عباسي سان گرفتار ٿيل دوستن ۾ هاڻوڪو صحافي سهيل سانگي، ليکڪ بدر ابڙو، هارين جو اڳواڻ احمد ڪمال وارثي به شامل هئا. کين ڪراچي جي نيپيئر بيرڪس ۾ قيد ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. نذير عباسي کي بقول هڪ فوجي آفيسر شجاعت جي بيان موجب ته برگيڊيئر امتياز جي حڪم تي تشدد ڪري ماريو ويو هو. بعد ۾ حڪومت اهو بيان جاري ڪيو هو ته نذير عباسي جيل ۾ هارٽ اٽيڪ سبب مري ويو آهي. اهو 9 آگسٽ 1989ع جو سانحو آهي.
نذير عباسي جو مڙهه سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻويي فاشي فوجين جي ڀئو سبب يا زخمن سان پروڻ ٿيل جسم جي سبب وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ عبدالستار ايڌي وارن سندس مڙهه کي غسل ڪرايو هو. ايڌي وارن جو چوڻ هو ته سندس جسم تي تشدد جا نشان موجود هئا ۽ ايڌي سينٽر جي هڪ وڏي عملدار جو چوڻ آهي ته سندس مٿي ئي ڏسي محسوس ٿي رهيو هو ته ڪنهن شيشي جي بوتلن سان وار ڪري کيس قتل ڪيو آهي. نذير عباسي سخي حسن قبرستان ۾ دفن آهي.
هن مهل پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو شديد لفظن ۾ نذير عباسي جي موت تي تنقيد ڪئي هئي ۽ نذير عباسي جي بيوه حميده گهانگهرو، نذير جي موت جو ذميوار ڪرنل امتياز، هن وقت جي سنڌ گورنر ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ايس ايم عباسي کي طئي ڪيو هو ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ صدر ٿاڻي ڪراچي پهتي هئي. ظاهر آهي ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جنهن کانپوءِ سنڌ جي هن دلير ڌيءُ کي طويل عرصي تائين روپوش رهڻو پيو. حميده گهانگورو ۽ سندس ڌيءُ زرقا ڪيترن ئي ورهين تائين روپوش رهيا.
نذير عباسي سندس تنظيم جي دوست حميده گهانگهرو سان شادي ڪئي هئي. شادي جي رات جنهن ڃڃ ۾ نذير شادي ڪرڻ وڃي رهيو هو هن ريل گاڏي تي سمورا ڪنگلا ۽ ڪامريڊ موجود هئا ۽ ريل گاڏي ۾ بغير ٽڪيٽ سفر ڪري رهيا هئا ۽ گهوٽ ٽڪيٽ هجڻ باوجود گرفتار ٿيو هو. نذير عباسي جي شادي کي اڃان هڪ هفتو گذريو هو جڏهن کيس وري گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کيس قلي ڪئمپ ڪوئيٽا اُماڻيو ويو هو. هن سندس هني مون پٽ فيڊر جي هارين سان بُک هڙتال ۾ ملهايو هو.
جڏهن نذير عباسي کي ياد ڪريان ٿو ته هن کانپوءِ شاگردن جي اڳواڻن کي ڏسان ٿو ته جيڪي پيجارو ۽ لينڊ ڪروزر ڊرائيو ڪندا آهن ۽ اُهو وقت به ڏٺو سين جڏهن سنڌ جي هاسٽلن ۾ چوري جي گاڏين جون لائنون ائين موجود هيون جيئن شوروم ۾ هونديون آهن. هڪ نذير عباسي هوندو هو جنهن جي کيسي ۾ ٽي رپيه هوندا هئا ته هو چوندو هو ته اڄ مزو ماڻيندا سين، سکر جي گهنٽه گهر تي نهاري کائيندا سين.
نذير عباسي کي ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ سنڌ جو هڪ اهڙو سورمو سمجهيو وڃي ٿو جنهن ضياء جهڙي فوجي آمر ۽ آمريت سان مهاڏو اٽڪايو هو. پر انهن سورمن جي ڪمائي چور کائي ويا. نذير عباسي جو روپ انقلاب لاءِ جاکوڙيندڙ سورمن جهڙو هيو جن جو اسڪيچ مصور سندس پينسل بُڪ ۾ بغير ڏسي ٺاهيندا آهن. نذير عباسي جي باري سندس هڪ دوست معين قريشي چيو هو ته:
”وه شخص جو شبخون مين مارا گيا ورنه
اس جيسا بهادر ڪوئي لشڪر مين نهين هي“
هو سنڌ ۾ سندس اصولن، آدرشن ۽ محبت جي حوالي سان ماڻهون سمجهيو ويندو هو. توهان ڪڏهن ڪلر ڪهار ۾ مور کي هلندر ڏٺو آهي؟ سنڌ مان اُهي اهڙا ماڻهون هئا جن لاءِ حبيب جالب چيو هو:
”حڪمران بن گئي ڪميني لوگ
خاڪ مين مل گئي نگيني لوگ“