حضرت علي جو قول آهي ته گذريل ڳالهين کي ورجائڻ کپي نه ته ماڻهون اُهي ڳالهيون وساري ڇڏيندا آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن نه ٿيندڙ ڳالهيون به ايترا ڀيرا ورجايون وينديون آهن ته تاريخ جو حصو محسوس ٿينديون آهن.
ساڳئي طرح مشهور تاريخي مونجهارن مان هڪ اها به آهي ته جڏهن 19 جولاء سال 64 ع تي روم باهه ۾ سڙي رهيو هو ته هن مهل روم جو بادشاهه نيرو هڪ جبل تي ويهي بانسري وڄائي رهيو هو ۽ اها باهه سندس حڪم تي لگائي وئي هئي.
هي بالڪل حقيقت آهي ته هن تاريخ تي واقعي ورم زبردست باهه ۾ سڙي رهيو هو. تاريخدان ٽيسي ٽس هن مهل نو سالن جو هيو. هن لکيو آهي ته اها بدترين باهه پنج ڏينهن تائين ٻرندي رهي ۽ هن روم جي چوڏهن مان چار ضلع ساڙي رک ڪري ڇڏيا هئا جڏهن ته ست ضلع بُري طرح سڙڻ سبب سُڪڙجي ويا هئا.
ٽيسي ٽس سندس تاريخ جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جنهن مهل روم سڙي رهيو هو تڏهن نيرو روم ۾ ڪونه هيو بلڪ هتان ٽيهه ميل پري اينٽم ۾ موجود هيو. باهه لڳڻ کانپوءِ نيرو هتي پهتو ۽ سندس ذاتي خزاني مان ماڻهن جي بحالي لاءِ ڪاروايون شروع ڪيائين بلڪ روم ۾ سندس محل باهه سبب دربدر ٿيل ماڻهن لاءِ کولي ڇڏيائين.
هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ تمام ضروري آهي ته اولهه ۾ مشهور ريت موجب نيرو بانسري نه بلڪ فڊل معني سارنگي وڄآئي رهيو هو. هاڻي اها ڳالهه ان ڪري به بالڪل غلط آهي ته هن دور جي اٽلي ۾ سارنگي ڪونه هوندي هئي.
هونئن ته اها باهه تاريخ جو تمام وڏو انساني الميو هئي، پر هن کانپوءِ روم کي اهڙو فائدو ٿيو جو نيرو تباهه ٿيل عمارتن بدران پڪي سرن سان سموريون عمارتن جو اڏاوتي ڪم ڪرايو ۽ هن سان گڏ نوان روڊ پڻ ٺهرايا. توڙي نيرو تمام ظالم حڪمران هيو پر هن باهه جي پوئتي سندس هٿ هجڻ جو ڪو تاريخي ثبوت موجود ناهي.