هن مهل ٽپال کاتي مان هڪ هندو ملازم آيو ۽ پيرن کي هٿ هڻي ويهي رهيو. هو حضرت صاحب (خواجه غلام فريد) کي پهريان کان سڃاڻيندو هو. توهان کائنس هندو مذهب جي عقيدن باري پڇيو. چيائين، حضور منهنجو مذهب ڇجو آهي. هي تمام پراڻو مذهب آهي جيڪو 6 صدي ۾ پيدا ٿيو هو. پهريان هن مذهب جا معتقد پاڻ کي لڪائيندا هئا پر هاڻي اسانجو مذهب ٿورو گهڻو مشهور ٿيو آهي. هن مذهب جو عقيدو هي آهي ته هن مذهب جا ماڻهون الله کي واحد تسليم ڪندا آهن. هن مذهب جي معتقدن جا ويچار مسلمان صوفين وانگر واحد ذات کي تسليم ڪندڙ آهن ۽ بُتن جي پوجا ڪرڻ کي بُرو سمجهندا آهن. اسين ٻه پيغمبرن جي پيروي ڪندا آهيون. هڪ محمد جي ۽ ٻي شري ڪرشن کي به پنهنجو نبي تسليم ڪندا آهيون. اسين قرآن شريف جو شاستري ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ روزانو هن جي تلاوت ڪندا آهيون. هن کانپوءِ عشاء جي نماز جو وقت ٿيو جنهن کانپوءِ هو ماڻهون هليو ويو“.
مقابين سلمجالس صفحو (405.404)
ليکڪ مولانا رُڪن الدين
الفيصل ناشران و تاجران ڪتب
غزني اسٽريٽ، اردو بازار لاهور