گرو گوبند سنگهه جي آخري گرو هئا. کيس جڏهن قلعو آنند پور مان نڪرڻو پيو ته کيس موضع بهلول پور ضلع لڌيانا ون قاضي پير وٽ پناهه ورتي. قاضي پير محمد کان گُرو صاحب فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. قاضي صاحب کيس گهر ۾ لڪائي ورتو پر کيس خدشو هو ته جيڪڏهن وزير خان صوبه دار سرهند کي خبر پئجي وئي ته پوءِ سندس خير نه هوندي. ان ڪري هن گرو صاحب کي چيو ته توهان ويس مٽائي مسلمانن وانگر رهندا. گرو صاحب ڪاري رنگ جو چولو پائي حاجي وارو ويس مٽايو. جڏهن صوبيدار کي خبر پئي ته قاضي جي گهر نوان مهمان آيا آهن ته کيس شڪ ٿيو ته شايد هنن ماڻهن ۾ گرو گوبند به شامل هجي. جڏهن حاڪم قاضي کي گهرائي کائنس پڇيو ته قاضي صاحب چيو ته منهنجي گهر حاجي آيا آهن. حاڪم اهو معلوم ڪرڻ لاءِ کين ماني جو سڏ ڏئي پنهنجي گهر گهرايو.
جڏهن ماني کائڻ جو وقت ٿيو ته گرو صاحب چار ماڻهون اُماڻيا جن مان ٻه گرو صاحب جا مسلمان ملازم هئا. اهو به چيائين ته حاجين روزو رکيو آهي. پر ٻه سکن گرو صاحب کان پڇيو ته اسين مسلمانن جو کاڌو ڪيئن کائيندا سين. گرو صاحب چيو ته اسانکي سڀ کان پهريان پنهنجي جان بچائڻي پوندي. توهان ماني ۾ پنهنجي ڪرپان ڦيرائجو ته ماني پوتر ٿي ويندي. اُهي حڪمران جي ماني کائي گرو صاحب لاءِ به ماني وٺي آيا. گرو صاحب ٻئي ڏينهن هتان هليو ويو پر قاضي پير محمد سندس راز فاش نه ڪيو.