مسلمان مور جا دشمن ۽ هندو حفاظت ڪندڙ ٿر جي واري جي دڙن تي گھرن ۾ ڪيترائي ڀيرا رنگ برنگا مور پنهنجا رنگ پکيڙيندي ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پر هاڻ ڪجهه اهڙا ڳوٺ ئي اچي بچيا آهن جتي مينهن اچڻ کان پهرين ڪوڪي ڪوڪي خبردار ڪرڻ وارو هي پکي بچيل آهي. پاڪستان ۾ سڀني کان گھڻو مور انهي ٿري پٽي تي ئي هوندو...