{_custom_metatages()}

کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > فيچرز > ٻوڏ سان بي گهر ٿيل عورتن جي ڏکيائي

ٻوڏ سان بي گهر ٿيل عورتن جي ڏکيائي

عبادالحق
August 18th, 2010

ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ سان بي گهر ٿيل عورتن ۾ شامل عورتن کي ريليف ڪئمپن ۾ پريشانيون آهن. پنجاب جي 5 ضلعن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ ڪيترا ئي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن سبب ماڻهو سندن گهر ڇڏي رستن ۽ ريليف ڪئمپن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور آهن.

 

ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن ۾ ٻار ۽ عورتون شامل آهن جن ۾ پيرسن عورتن کان علاوه جوان ڇوڪريون پڻ شامل آهن.

 

ٻوڏ جي پاڻي کان محفوظ هنڌ هجي يا وري ريليف ڪئمپ ٻنهيءَ هنڌن ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن جي پيشاب ڪرڻ لاءِ سُٺو انتظام ناهي ۽ خاص طور تي عورتن کي پيشاب ڪرڻ لاءِ ويران هنڌ ڳولڻو پوندو آهي. ڪوٽ ادو جي علائقي ۾ منڊا چوڪ ۾ هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پناهه وٺندڙ ٻوڏ متاثرن جو چوڻ آهي ته کين کائڻ لاءِ خوراڪ ته ملندي آهي پر پيشاب ڪرڻ لاءِ سهولتون ميسر ناهن.

 

امدادي ڪئمپ ۾ آسيه نالي عورت جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت ۾ جيڪو ريليف ڪئمپ لڳل آهي هتي ليٽرينون موجود آهن پر ڪئمپ ۾ ترسيل ماڻهن جي لحاظ سان ليٽرينن جو انگ تمام گهٽ آهي تنهنڪري کيس ليٽرين استعمال ڪرڻ لاءِ الاهي دير تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي.

 

آسيه موجب ليٽرين ۾ صفائي ناهي بلڪ ليٽرين ۾ ايتري گندگي آهي جنهن سبب کيس مجبور ٿي ڪري پري ويران هنڌن ڏانهن وڃڻو پوندو آهي. سندس چوڻ آهي ته اسانکي ايتري پري ويندي ڀئو ٿيندو آهي.

 

شازيه نالي عورتن جو چوڻ آهي ته ڏينهن جو پيشاب ڪرڻ لاءِ پري وڃڻ کان انڪري ڀئو ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته هر پاسي مرد هوندا آهن ۽ رات جو نانگن ۽ جانورن کان ڀئو ٿيندو آهي. امدادي ڪئمپن ۾ ترسيل عورتن جو چوڻ آهي ته انهيءََ ڀئو سبب ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو پيشاب ڪرڻ وينديون آهيون ڇاڪاڻ ته عورتن وٽ ان کان علاوه ٻيو رستو ناهي.

 

سلطان ڪالوني ۾ کلي آسمان هيٺ ڪئمپ ۾ ترسيل عورتن کي پيشاب ڪرڻ ۽ وهنجڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ انهن مان ڪيترين ئي عورتن ڪڏهن سوچيو نه هوندو ته کين کلي آسمان هيٺ بغير ليٽرين جي پيشاب ڪرڻو پوندو.

 

بشيران بي بي جو چوڻ آهي ته امدادي ڪئمپ ۾ وهنجڻ جو انتظام ناهي ۽ اهڙي گرمي جي مُند ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين وهنجي ڪونه سگهي آهيان جنهن سبب مونکي بيحد تڪليف آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن کي گندگي ۽ مڇرن کان بچائڻ بيحد ضروري آهي ڇاڪاڻ ته گندگي سان ٻوڏ متاثرن ۾ کل جون بيماريون پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي جڏهن ته مڇرن سبب مليريا جي بيماري ڦهلجي سگهي ٿي.

 

بي بي سي جي ٿورن سان